اَمُلُ بابت
معنيٰ
جنھن جي قيمت نہ ڏيئي سگهجي. بي بھا، قيمتي.
Invaluable, inestimable.
بيتن ۽ وائين ۾
- جُسي ۾ جَبارَ جو، خَفِي خِيمو کوڙ، جَلِي تُون زَبانَ سين، چارَئِي پَھَرَ چورِ، فِڪرَ سين فُرقانَ ۾، اِسمُ اعظمُ…[ سُر يمن ڪلياڻ - صوفي ۽ طالب ]
- اَمُلُ اَساري پَئِي، ڀورِي ڀَڳُئِي جان، ٻَئِي اَڌَ ھَٿِ ڪَري، سَري صَرافَنِ وانءُ، تان تُون تِئان، سَڄو ڪَرائِين سيگَهہ ۾.[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- اَمُلُ اَساري پَئِي، ڀورِي ڀَڳُئِي جِيئَن، وَنءُ صَرافَنِ سِينءَ، ٻَئِي اَڌَ ھَٿِ ڪَري.[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- اَمُلُ اَساري پَئِي، ڀورِي ڀَڳُئِي جِتِ، ڪوھُ نَہ رُنُئِي تِتِ، ٻَئِي اَڌَ ھَٿِ ڪَري.[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- جِتي ماڻِڪَ ماڳُ، تِتي چوران تَڪِيو، سَنؤُن تَنِ سَڀاڳُ، اَمُلُ جَنِ اوباھِيو.[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- اَمُلُ آڇِ مَ اُنِ کي، جٖي نَہ پَرُوڙِينِ مَتِ، جِتِ گَڏِجَئِي جَوھَرِي، ماڻِڪُ تِتَھِين مَٽِ، جَنِ سونَ سين سَٽِ، تَنِ…[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- ھَلُ ھِنيَين سين ھوتَ ڏي، ڇَپَرِ ھَڏِ مَ ڇُلُ، آرِياڻِي اَمُلُ، ڪايا ۾ ڪانڌُ ٿِئو.[ سُر آبڙي - ڳول سندو پاڻ ]
- سوڍا صَبُرُ تُنھِنجو، بي عَقلَنِ عَقُلُ، آھي اُنگَ اَمُلُ، ماٺِ تُنھِنجِي مَينڌَرا.[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]