اَمَڙِ بابت
معنيٰ
اَمان، اَمي، ماتا، جيجل، آيل.
Mother, mom, mummy, mama.
بيتن ۽ وائين ۾
- آيَلِ اَمَڙِ توءِ جِيئان، جَي مُون سارِينِ سُپِرِين، سَنئُون سُونھائِيين پيچِرو، ميھارَنِ مِيان، گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِيو، تان ڪِي تَرُ…[ سُر سھڻي - وايون ]
- رَھِيو ويٺِي راڳِ، اَمَڙِ اورِئان نِجُهرو، لاٿو ڏيھَ وَڻَنِ سين، مُون لاڳاپو ۽ لاڳِ، ڏُونگَرُ سي ڏورِيندِيُون، جَنِ اَندَرِ ٻَرِي…[ سُر ڪوھياري - اُڊڪا ۽ ايلاز ]
- مَٿِئان مَٿي مَچُ، ٻَرِئُمِ ٻاروچَنِ جو، مُون کي طَعنا تي ڏِئو، جي نَہ پَروڙِئو سَچُ، اَمَڙِ اورِي اَچُ، تَہ سِٽَ…[ سُر حسيني - ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ ]
- اَمَڙِ کَڻُ وِچان، چَرَکو چِيھاڙِيُون ڪَري، مَڇُڻ ھوتُ ھِنيان، مُون ڀيرِيندِيءَ وِسِري.[ سُر حسيني - ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ ]
- اَمَڙِ وَڃِي آڻِ، چَرَکو آتَڻَ وِچَ مان، ڪِتُمِ جَنھِن ڪاڻِ، سو ڪوھِيارو ڪيچِ وِئو.[ سُر حسيني - ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ ]
- پَھِي ڪا مَ پِڃاءِ، اَمَڙِ مُنھِنجي آسِري، ڏيئِي لَتَ چَرَخي، پُوڻِيُون پاڻِيءَ پاءِ، ڪِتُمِ جَنھِن لاءِ، سو ڪوھِيارو ڪيچِ وِئو.[ سُر حسيني - ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ ]
- پَھِي ڪا مَ پِڃاءِ، اَمَڙِ مُنھِنجي آسِري، ڏيئِي گَرِٿُ ڪَتاءِ، مُون کي نِينھَن نِھوڙِئو.[ سُر حسيني - ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ ]
- اَمَڙِ جَي ڏِٺوءِ، مُون جِيئَن ھوتُ اَکِيُنِ سين، چَرَکو چِيھاڙِيُون ڪَري ڀيري ھُوندَ ڀَڳوءِ، آتَڻِ رَتُ رُنوءِ، تَندُ نَہ ڪَتِيَئِي…[ سُر حسيني - ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ ]
- ڀَنڀوران ٻاھَرِ ٿِي، اَمَڙِ مُون اَماڻِ، اَسان تو رِھاڻِ، موٽِي ڪا مَسَ ٿِئي.[ سُر حسيني - بُرو ھو ڀنڀور ]
- وَرُ لَڪَنِ جِي لوڏَ، گهورِيا سُکَ ڀَنڀورَ جا، جي تُون اَمَڙِ آڇِيين، سي مُون ڪَمِ نَہ اَچَنِ ڪوڏَ، ھِنيَين مُنھِنجي…[ سُر حسيني - بُرو ھو ڀنڀور ]
- لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو، اَمَڙِ جَهلِ مَ مُون، روئِي رَڱِندِيَسِ رَتَ سين، ڪيچان اوري ڀُون، مادَرِ مَٿان مُون، ڪانگَ لَوَندا…[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- روئِي لاٿو مُون، جان جان ڏُکُ نَہ ھو ڏُونگَرين، وِئو ٻاروچو نِڪرِي، اللهَ آھِين تُون، ڪَھان تان ڪيچان پَري، وِھان…[ سُر حسيني - وايون ]
- پانڌِي پِرِينءَ پَنوَهارَ کي، چَئجِ حَقِيقَتَ هيءَ، ڪَرَ نَہ لَڌانوَ ڪَڏِهِين، هُيَس ڌارِين ڌِيءَ، اَمَڙِ کي تُون اِيءَ، ڳالِهہ سُڻائيجِ…[ سُر مارئي - مَ رو، پانڌي پرين پنھوار ]