اَمَڙِ جي سنڌي معنيٰ
اَمان، اَمي، ماتا، جيجل، آيل.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Mother, mom, mummy, mama.
اَمَڙِ جا بيتن ۾ حوالا
آيَلِ اَمَڙِ توءِ جِيئان، جَي مُون سارِينِ سُپِرِين،
سَنئُون سُونھائِيين پيچِرو، ميھارَنِ مِيان،
گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِيو، تان ڪِي تَرُ ھِنيان،
اَدَبُ اَکَڙِيُنِ کي، ڏيھاڻِئُون ڏِيان،
مَٿان ماڻِڪَ ھيڪَڙي، اَمُلَ اَٺَ ڏِيان،
ساھَڙَ مَٿان صَدِقو، ڏَھَ ڏَمَ ڏِيان،
اَچين عَبدِالْلَطِيفُ چئَي تَہ، جانِبَ نِتُ جِيئان.
[ سُر سھڻي، وايون، 15 ]

رَھِيو ويٺِي راڳِ، اَمَڙِ اورِئان نِجُهرو،
لاٿو ڏيھَ وَڻَنِ سين، مُون لاڳاپو ۽ لاڳِ،
ڏُونگَرُ سي ڏورِيندِيُون، جَنِ اَندَرِ ٻَرِي آڳِ،
ھوتاڻِي ھِنَ ماڳِ، مُون کي ڇَڏِ مَ ڇَپَرين.
[ سُر ڪوھياري، اُڊڪا ۽ ايلاز، 1 ]
لاٿو ڏيھَ وَڻَنِ سين، مُون لاڳاپو ۽ لاڳِ،
ڏُونگَرُ سي ڏورِيندِيُون، جَنِ اَندَرِ ٻَرِي آڳِ،
ھوتاڻِي ھِنَ ماڳِ، مُون کي ڇَڏِ مَ ڇَپَرين.
[ سُر ڪوھياري، اُڊڪا ۽ ايلاز، 1 ]
مَٿِئان مَٿي مَچُ، ٻَرِئُمِ ٻاروچَنِ جو،
مُون کي طَعنا تي ڏِئو، جي نَہ پَروڙِئو سَچُ،
اَمَڙِ اورِي اَچُ، تَہ سِٽَ سُڻائِيين سُورَ جِي.
[ سُر حسيني، ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ، 2 ]
مُون کي طَعنا تي ڏِئو، جي نَہ پَروڙِئو سَچُ،
اَمَڙِ اورِي اَچُ، تَہ سِٽَ سُڻائِيين سُورَ جِي.
[ سُر حسيني، ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ، 2 ]
اَمَڙِ کَڻُ وِچان، چَرَکو چِيھاڙِيُون ڪَري،
مَڇُڻ ھوتُ ھِنيان، مُون ڀيرِيندِيءَ وِسِري.
[ سُر حسيني، ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ، 7 ]
مَڇُڻ ھوتُ ھِنيان، مُون ڀيرِيندِيءَ وِسِري.
[ سُر حسيني، ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ، 7 ]
اَمَڙِ وَڃِي آڻِ، چَرَکو آتَڻَ وِچَ مان،
ڪِتُمِ جَنھِن ڪاڻِ، سو ڪوھِيارو ڪيچِ وِئو.
[ سُر حسيني، ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ، 8 ]
ڪِتُمِ جَنھِن ڪاڻِ، سو ڪوھِيارو ڪيچِ وِئو.
[ سُر حسيني، ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ، 8 ]
پَھِي ڪا مَ پِڃاءِ، اَمَڙِ مُنھِنجي آسِري،
ڏيئِي لَتَ چَرَخي، پُوڻِيُون پاڻِيءَ پاءِ،
ڪِتُمِ جَنھِن لاءِ، سو ڪوھِيارو ڪيچِ وِئو.
[ سُر حسيني، ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ، 9 ]
ڏيئِي لَتَ چَرَخي، پُوڻِيُون پاڻِيءَ پاءِ،
ڪِتُمِ جَنھِن لاءِ، سو ڪوھِيارو ڪيچِ وِئو.
[ سُر حسيني، ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ، 9 ]
پَھِي ڪا مَ پِڃاءِ، اَمَڙِ مُنھِنجي آسِري،
ڏيئِي گَرِٿُ ڪَتاءِ، مُون کي نِينھَن نِھوڙِئو.
[ سُر حسيني، ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ، 10 ]
ڏيئِي گَرِٿُ ڪَتاءِ، مُون کي نِينھَن نِھوڙِئو.
[ سُر حسيني، ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ، 10 ]
اَمَڙِ جَي ڏِٺوءِ، مُون جِيئَن ھوتُ اَکِيُنِ سين،
چَرَکو چِيھاڙِيُون ڪَري ڀيري ھُوندَ ڀَڳوءِ،
آتَڻِ رَتُ رُنوءِ، تَندُ نَہ ڪَتِيَئِي ھِڪِڙِي.
[ سُر حسيني، ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ، 14 ]
چَرَکو چِيھاڙِيُون ڪَري ڀيري ھُوندَ ڀَڳوءِ،
آتَڻِ رَتُ رُنوءِ، تَندُ نَہ ڪَتِيَئِي ھِڪِڙِي.
[ سُر حسيني، ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ، 14 ]
ڀَنڀوران ٻاھَرِ ٿِي، اَمَڙِ مُون اَماڻِ،
اَسان تو رِھاڻِ، موٽِي ڪا مَسَ ٿِئي.
[ سُر حسيني، بُرو ھو ڀنڀور، 5 ]
اَسان تو رِھاڻِ، موٽِي ڪا مَسَ ٿِئي.
[ سُر حسيني، بُرو ھو ڀنڀور، 5 ]
وَرُ لَڪَنِ جِي لوڏَ، گهورِيا سُکَ ڀَنڀورَ جا،
جي تُون اَمَڙِ آڇِيين، سي مُون ڪَمِ نَہ اَچَنِ ڪوڏَ،
ھِنيَين مُنھِنجي ھوڏَ، ٻَڌِي ٻاروچَنِ سين.
[ سُر حسيني، بُرو ھو ڀنڀور، 14 ]
جي تُون اَمَڙِ آڇِيين، سي مُون ڪَمِ نَہ اَچَنِ ڪوڏَ،
ھِنيَين مُنھِنجي ھوڏَ، ٻَڌِي ٻاروچَنِ سين.
[ سُر حسيني، بُرو ھو ڀنڀور، 14 ]
English Meaning
Mother, mom, mummy, mama.