ھِتان بابت
معنيٰ
ھِن هنڌ کان، اِتان، اِن کان، ھتانھون، ھِتَون.
From here, here. By this place.
بيتن ۽ وائين ۾
- ھِتان کَڻِي ھُتِ، جَنِ رَکِئو سي رَسِيُون، ساجَنُ سُونھَن سُرِتِ، وِکان ئِي ويجهو گهَڻو.[ سُر آبڙي - واقف وڻڪار، وڏا وڻ ]
- اَدا ڙي ڏوٿِي پُڇان تو ٿِي، ڪيچَ رَسَندِيَسِ ڪِيئَن، ڪو ڏَسُ مُون ڏي، نَہ آئُون سَمِي نَہ سُومَرِي، نَہ آئُون…[ سُر آبڙي - وايون ]
- لَيلَ نَہ جاڳِيئَن لِکَ سِيئَن، سُتِيئَن راتِ سَڄِي، ھِتان ھوتاڻِينِ جُون، وَھِيُون کُرجِينُون کَڄِي، ڀورِي تُون ڀَڄِي، سَبَبِ ڪَنھِن ساٿِ…[ سُر ڪوھياري - نِدورِي نِنڊ ]
- راڻي رَنجُ لَکايو، ھِتان وَڃِي ھُتِ، ميڙِ مُنجان ٿِي مَينڌَرا، ڀُوڻِ اَواھِنجي ڀُتِ، اِيءَ نَہ رُسَڻَ رُتِ، اَڃا مَحَبتَ مورَ…[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- آديسِي آديسُ، ھِتان ڪَري ھَلِئا، ڪاپَڙِيَنِ قَلبَ ۾، ڪِئو ڏُوراڻو ڏيسُ، ويراڳِي نَئُون ويسُ، راوَلَ ڍَڪي رَمِئا.[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]
- ھِتان کَڻِي ھُتِ، پيرُ رَکِئائُون پانھِنجو، جوڳِيَنِ جِي جُڳَتِ، سارِئو ٿِي سُورَ چَران.[ سُر پورب - جوڳي ]
- رَڙي ريٻارِڻِ روءِ، اُڀي ڍَنگهَرَ جَهلَ، ٻَڙِي ھِتان ٻَلَ، ڪيتِريُون ڪاھي وئا.[ سُر ڏھر - لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ ]
- مِينڍا ڌوءِ نَہ مارُئِي، آھيسِ مَنِ مَلِيرُ، ڪَڍي تَہ ڪاڻِ لَھي ھِتان ھِيءَ حَمِيرُ، کائُرِ پِيَنِ کِيرُ، جَي اَمانَتَ اُتِ…[ سُر مارئي - سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ ]
- ڪالَهہ ڪِيائُون ڪُوڻِيُون، اَڄُ ٿِي ڪُمُ ڪَري، ھِتان ھَلِيُون ھيڪَلِيُون، ڀاڪُرَ ڀَنَ ڀَري، تَماچِيءَ جي تَڙَ تي، سَڀَڪا ڏَنُ ڏي،…[ سُر ڪاموڏ - مِڙيوئي معاف ]