ھِتان جي سنڌي معنيٰ
ھِن هنڌ کان، اِتان، اِن کان، ھتانھون، ھِتَون.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
From here, here. By this place.
ھِتان جا بيتن ۾ حوالا
ھِتان کَڻِي ھُتِ، جَنِ رَکِئو سي رَسِيُون،
ساجَنُ سُونھَن سُرِتِ، وِکان ئِي ويجهو گهَڻو.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 2 ]
ساجَنُ سُونھَن سُرِتِ، وِکان ئِي ويجهو گهَڻو.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 2 ]
اَدا ڙي ڏوٿِي پُڇان تو ٿِي، ڪيچَ رَسَندِيَسِ ڪِيئَن،
ڪو ڏَسُ مُون ڏي،
نَہ آئُون سَمِي نَہ سُومَرِي، نَہ آئُون جَتِ نَہ اوٺِي،
اُنِهين مَنجهان آھِيان، جٖي ٻانڀَڻَ پَڙَهنِ پوٿِي،
سَنجهي وِئَڙو سُپِرِين، ساجَنُ پُڇان سو ٿِي،
رويو چُئان رُڃنِ ۾، ھئَي ھئَي ھَٺَ ڪوھُ ٿِي،
ھَلِجِ ھوتَ پُنهونءَ ڏي، مَنجهان نِينھَن نِڪُو ٿِي،
آتَڻُ وِجِهي آڳِ ۾، مَنجهان جوئِنِ جوءِ ٿِي،
پَريٽِ ٿيِندِيَس پُنهون پُڇندِيَس، پَڇاڙيندِيَسِ پوتِي،
ھِتان ٿِي ھوتُ وِئو، جَتُ پُڇين جو ٿِي،
سَنجهي ساٿَ پَلاڻِئو، تو پَلاڻِئو پوءِ ٿِي.
[ سُر آبڙي، وايون، 20 ]

لَيلَ نَہ جاڳِيئَن لِکَ سِيئَن، سُتِيئَن راتِ سَڄِي،
ھِتان ھوتاڻِينِ جُون، وَھِيُون کُرجِينُون کَڄِي،
ڀورِي تُون ڀَڄِي، سَبَبِ ڪَنھِن ساٿِ مِڙَين.
[ سُر ڪوھياري، نِدورِي نِنڊ، 4 ]
ھِتان ھوتاڻِينِ جُون، وَھِيُون کُرجِينُون کَڄِي،
ڀورِي تُون ڀَڄِي، سَبَبِ ڪَنھِن ساٿِ مِڙَين.
[ سُر ڪوھياري، نِدورِي نِنڊ، 4 ]
راڻي رَنجُ لَکايو، ھِتان وَڃِي ھُتِ،
ميڙِ مُنجان ٿِي مَينڌَرا، ڀُوڻِ اَواھِنجي ڀُتِ،
اِيءَ نَہ رُسَڻَ رُتِ، اَڃا مَحَبتَ مورَ مَسَ ڪِئا.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 21 ]
ميڙِ مُنجان ٿِي مَينڌَرا، ڀُوڻِ اَواھِنجي ڀُتِ،
اِيءَ نَہ رُسَڻَ رُتِ، اَڃا مَحَبتَ مورَ مَسَ ڪِئا.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 21 ]
آديسِي آديسُ، ھِتان ڪَري ھَلِئا،
ڪاپَڙِيَنِ قَلبَ ۾، ڪِئو ڏُوراڻو ڏيسُ،
ويراڳِي نَئُون ويسُ، راوَلَ ڍَڪي رَمِئا.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 12 ]
ڪاپَڙِيَنِ قَلبَ ۾، ڪِئو ڏُوراڻو ڏيسُ،
ويراڳِي نَئُون ويسُ، راوَلَ ڍَڪي رَمِئا.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 12 ]
ھِتان کَڻِي ھُتِ، پيرُ رَکِئائُون پانھِنجو،
جوڳِيَنِ جِي جُڳَتِ، سارِئو ٿِي سُورَ چَران.
[ سُر پورب، جوڳي، 11 ]
جوڳِيَنِ جِي جُڳَتِ، سارِئو ٿِي سُورَ چَران.
[ سُر پورب، جوڳي، 11 ]
رَڙي ريٻارِڻِ روءِ، اُڀي ڍَنگهَرَ جَهلَ،
ٻَڙِي ھِتان ٻَلَ، ڪيتِريُون ڪاھي وئا.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 18 ]
ٻَڙِي ھِتان ٻَلَ، ڪيتِريُون ڪاھي وئا.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 18 ]
مِينڍا ڌوءِ نَہ مارُئِي، آھيسِ مَنِ مَلِيرُ،
ڪَڍي تَہ ڪاڻِ لَھي ھِتان ھِيءَ حَمِيرُ،
کائُرِ پِيَنِ کِيرُ، جَي اَمانَتَ اُتِ وَڃي.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 2 ]
ڪَڍي تَہ ڪاڻِ لَھي ھِتان ھِيءَ حَمِيرُ،
کائُرِ پِيَنِ کِيرُ، جَي اَمانَتَ اُتِ وَڃي.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 2 ]
ڪالَهہ ڪِيائُون ڪُوڻِيُون، اَڄُ ٿِي ڪُمُ ڪَري،
ھِتان ھَلِيُون ھيڪَلِيُون، ڀاڪُرَ ڀَنَ ڀَري،
تَماچِيءَ جي تَڙَ تي، سَڀَڪا ڏَنُ ڏي،
تَن کي سَمي سَهڄَ ڪَري، مَڃَرُ سَڀَ مَعافُ ڪِئو.
[ سُر ڪاموڏ، مِڙيوئي معاف، 18 ]