ڪِنار بابت
معنيٰ
ڌارَ، نوڪَ، ڪپڙي وغيرہ جي ڏَند يا لِيڪَ، وَٽِ، آندِ، آندي، انگ بارڊر، ڪِناري. سنڌو، حد. ڀر، پاسو. ڪنارو، ڪنڌي، ڪپ. ڪُنڍن جي قطارَ جنھن تي ڪاسائي گوشت جون رانون ٽنگين، چِنگار، جِنگار. ڪُنڍو، ميخ.
A colored border to cloth, welt, limit, bank, edge
بيتن ۽ وائين ۾
- سُورِي سِينگاري، اُڀِي عاشِقَنِ کي، لُڏِئا ڪِينَ لَطِيفُ چئَي، ٿِئا نيزي نِظاري، ڪوٺِئو ڪِناري، آڻِئو چاڙِھي اُنِ کي.[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- پاٻُوھي ھيڪارَ، مُون کي پُڇِئو سَڄَڻين، اَلَستُ بِرَبِڪُم ، چَيائُون جَنھِن وارَ، سَندي سُورَ ڪِنار، تَنَ تَڏَهانڪُون نَہ لَھي.[ سُر ڪلياڻ - عشق ۽ معشوق ]
- وَڃَنِ مَ وِينجهارَ، پاڻِيَٺُ جٖي پَرِکِڻا، ايھَرُ پائي اَکِيين، لَھَنِ سَڀَ ڪَنھِن سارَ، موتِيءَ جي مِزاجَ جو، قَدُرُ مَنجِهہ ڪِنار،…[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- بَرَ وُٺا ٿَرَ، وُٺِي ڪَڇَ ڪِنارَ، پوڃاڙِيءَ جو پَٽَنِ تي، ڏِسُ نايائِين نارَ، سَٻاجهي سَتارَ، لاٿو ڏُڙِتُ ڏيھَ تان.[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- سَڄَڻُ سِينگاري، ڪِئائُون مُھاڙَ مُقامَ ڏي، کَڻِي کَٽولو ھَلِئا، لوڪان نِظاري، لاٿائُون لَطِيفُ چئَي، قَبَرَ ڪِناري، سَنئُون سُمَهاري، نيئِي ڌَرِيندا…[ سُر بروو سنڌي - صُورت فانِي ۽ مڙه مقام ]
- لَکين لوڊِي لَٽِئا، ڪَنڌِيءَ ڪاڪِ ڪِنارَ، ڀُون ۾ پَئِي ڀَڪو ٿِئا گهوڙا ۽ سُوارَ، جُهونا پَسجَنِ ڪاپَڙِي، ڪُنڍا جَنِ ڪَپارَ،…[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- اللهَ ٻاجُهن ڪَؤنُ ساٿِي، ڦِرندِي آئِي، مَين چُپ چُپاتِي، سِڪَ شاھَ رانجَهنِ دِي مِيان، ڏِينھان جو راتِين، آکي لَطِيفُ فَقِيرُ…[ سُر جاجڪاڻي - وايون ]
- اُڀِي اوسَڙان اُسَ ۾، جَهلِئو ڪُنَ ڪِنارَ، گهاتُو گهَرِ نَہ آيا، وَڏِي لَڳيَنِ وارَ، ھُيَسِ جَنِي ھارَ، سي موڙي چُرِئا…[ سُر گهاتو - ڪو جو قھر ڪلاچ ۾ ]