ڪِنار جي سنڌي معنيٰ
ڌارَ، نوڪَ، ڪپڙي وغيرہ جي ڏَند يا لِيڪَ، وَٽِ، آندِ، آندي، انگ بارڊر، ڪِناري. سنڌو، حد. ڀر، پاسو. ڪنارو، ڪنڌي، ڪپ. ڪُنڍن جي قطارَ جنھن تي ڪاسائي گوشت جون رانون ٽنگين، چِنگار، جِنگار. ڪُنڍو، ميخ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A colored border to cloth, welt, limit, bank, edge
ڪِنار جا بيتن ۾ حوالا
پاٻُوھي ھيڪارَ، مُون کي پُڇِئو سَڄَڻين،
اَلَستُ بِرَبِڪُم ، چَيائُون جَنھِن وارَ،
سَندي سُورَ ڪِنار، تَنَ تَڏَهانڪُون نَہ لَھي.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 15 ]
اَلَستُ بِرَبِڪُم ، چَيائُون جَنھِن وارَ،
سَندي سُورَ ڪِنار، تَنَ تَڏَهانڪُون نَہ لَھي.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 15 ]
وَڃَنِ مَ وِينجهارَ، پاڻِيَٺُ جٖي پَرِکِڻا،
ايھَرُ پائي اَکِيين، لَھَنِ سَڀَ ڪَنھِن سارَ،
موتِيءَ جي مِزاجَ جو، قَدُرُ مَنجِهہ ڪِنار،
صَرافَنِئُون ڌارَ، ماڻِڪَ مُلاحِظو ٿِئي.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 18 ]