ڪُن فَيَڪُون بابت
معنيٰ
”ٿي وڃ ۽ اھو ٿي وڃي ٿو.“ (قرآن مجيد ۾ گهڻين جڳھن تي استعمال ٿيندڙ اصطلاح)
(Allah said) be and it was, an allusion to the creation of the universe, (Allah says) Be, and it is. (A part of Quranic verse)

بيتن ۽ وائين ۾
- ساھَڙَ جا سِينگارَ، اُنَ اَڻَ ڏِٺا اَڳي ھُئا، ”ڪُن فَيَڪُونُ“ ڪا نَہ ھُئِي، نَہ ڪا ٻِي پَچارَ، مَحَبتَ ساڻُ ميھارَ،…[ سُر سھڻي - الست ارواح، کامڻ پچڻ ]
- سُهڻِيءَ کي سِينگارَ، اَڻَ ڏِٺا اَڳي ھُئا، ”ڪُن فَيَڪُونُ“ ڪا نَہ ھُئِي، نَہ ڪا ٻِي پَچارَ، مَلَڪَنِئان مَھِندِ ھُئِي، توڏِيءَ…[ سُر سھڻي - الست ارواح، کامڻ پچڻ ]
- جَڏھِن ڪُن فَيَڪُون ، نِيو آرِياڻِيءَ اَرواحُ، اَنگُ اَڳھَيِن لِکئِو، مُنھِنجو مِيثاقا، مَنْ طلَبَ شَیئاً وَ جَدَّ وَجَدَ ، اُتو…[ سُر ديسي - اوٺي اُٻھرا ]
- جَنِ جو وارثُ تُون، سي ڪِيئَن رَھَندا نيڻَ نِماڻا، آگي اَڀُ خَلقِئا، ڀَلِي خَلقِئائِين ڀُون، جوڙِيائِين جَھانَ کي، چَئِي ڪُن…[ سُر پورب - وايون ]
- جَڏھِن ڪُن فَيَڪُون ، مَنُ تَڏاھانڪُون مارُونئين، تُون ڪِيئَن وِجهين تَنِ کي، سُومَرا شَڪُون، حَمِيرَنِ ھَڪُون، جاڙَ جُسي کي پاتِيون.[ سُر مارئي - ڪن فيڪون ۽ قيد ]
- نَہ ڪا ڪُن فَيَڪُون ھُئِي، نَہ ڪا ھُونگَ نَہ ھُون، سَڄَڻَ اُنِهين ساعَتَ ۾، اُڀي ڏِٺاسُون، مُون تَنَ تَڏاھانڪُون، مِلِي…[ سُر مارئي - ڪن فيڪون ۽ قيد ]
- نَہ ڪا ڪُن فَيَڪُون ھُئِي، نَڪو لِڱُ لَحَمُ، بَنِئو ھو نَہ بُتَ ۾، اَڃا ڪِي آدَمُ، مُون تَوِھِين سين سَڱُ،…[ سُر مارئي - ڪن فيڪون ۽ قيد ]
- نَہ ڪا ڪُن فَيَڪُون ھُئِي، نَہ ڪا مُورَتَ ماھَ، نَہ ڪا سُڌِ ثَوابَ جِي، نَڪو غَرَضُ گُناھَ، ھيڪائِي ھيڪُ ھُئِي،…[ سُر مارئي - ڪن فيڪون ۽ قيد ]
- چَئِي ڪُن فَيَڪُون ، ٿي خَلَقِئا رُوحَ خُدا، گَڏُ جِتِ گُذرانُ ھو، جَڙَ لَڳِي تَنھِن جاءِ، مُون تَوِھِين سين آھِ،…[ سُر مارئي - ڪن فيڪون ۽ قيد ]