ڪُتا بابت
معنيٰ
انسان جا اوائلي جانور دوست، گهر ۾ پاليل ھڪ قسم جا جانور، سگ، ڪلب
Dogs

بيتن ۽ وائين ۾
- ھَلَندي ھوتَ پُنهونءَ ڏَي، کُھِجَنِ ڪي کوٽِيُون، پَھَڻُ تَنِي پَٽُ ٿِئو، جٖي لَئي لالَڻَ لوٺِيُون، سَڀَ سھَيلِيُون سِڪَ کي، چُنجِهيُون…[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- ڪُتا کينَئِي ڪيچَ جا، سَندا جٖي پُنهونءَ، اَگھِين ھُوندَ اَسُونھَن، جٖي جانارَنِ يادِ پَئين.[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- نَڪِي آھِيُون چُوھَڙا، نَڪِي آھِيُون چورَ، ھاگاما ۽ ھورَ، ڪُتا ڪَرِيين ڪَنِ تي.[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- جَنِي سَندو آھِين، سي جي چُونَئِي ھَڙِ، ڪُتا قَرِيبنِ سين، دعويٰ وِجِهي مَ دَڙ، وِڌُءِ جَنِي وَڙ، تُون ڪيئَن ڏَندَ…[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- نَہ ڪُتا نَہ ڪُوڪارَ، نَہ سي سَڏَ شِڪارِيين، پِٽِئو کَڻي پَارَ، جَهنگَلُ آھيڙِيَنِ کي.[ سُر کاھوڙي - سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار ]
- جَهنگَلُ آھيڙِيَنِ کي، ڀَنَڻُ ڪِئو رُوندو، ”نَہ ڪُتا نَہ ڪوڙِڪِيُون“، چَرِئو ٿو چُوندو، ھَڏِھِين نَہ ھُوندو، اُنِهان پوءِ عالَمَ ۾.[ سُر کاھوڙي - سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار ]
- جَهنگَلُ آھيڙِيَنِ کي، ڀَنَڻُ ڪِئو روءِ، ”نَہ ڪُتا نَہ ڪوڙِڪِيُون“، چَرِئو اُڀو چوءِ، ھاڻي ھِنِھان پوءِ، لَڳِي لُوٺو نَہ ٿِيان.[ سُر کاھوڙي - سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار ]
- جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ ڪُتا ڪِيمَ بَهاءِ، مَڙِهيءَ ۾ ماٺِ ڪَري، ويھِي تَندُ وَڄاءِ، سامِي ساکَ سَندِياءِ، پُورَڀِ ٿِيي…[ سُر رامڪلي - جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان ]