ڪاڍو بابت
معنيٰ
اُڪنڊ، خواهش، چاھ، دل، سڌ، تمنا، چاهت، رخ، لاڙو، ليٽ، خيال، چاٽي، ڇِڪَ، سڪَ، ڪشش، حُبَ، تانگهہ، اُڪير، محبت، قرب. ڪاڍ، ڪاڍارو. ڪفگير، ڏوئلو، هنبي.
Desire, inclination for. Prolixity, length of discourse. One who turns out or drives off anything. A vessel for drawing water.
بيتن ۽ وائين ۾
- اَلَستُ اَرِواحَنِ کي، جَڏھِن چَيائِين، مَنَ ڪاڍو ميھارَ ڏي، سُهڻِيءَ سَدائِين، جيڪي آيُسِ اوڏاھِين، سو پاري مُنڌَ پاتارَ ۾.[ سُر سھڻي - الست ارواح، کامڻ پچڻ ]
- اَلَستُ اَرِواحَنِ کي، جَڏھِن اَمُرُ ڪِئو اَحَدَ، مَنَ ڪاڍو ميھارَ ڏي، سُهڻِيءَ سِڪَڻُ سَڌَ، دِلو دُورَ دَرياھَ جي، ڪِئو ايرادي…[ سُر سھڻي - الست ارواح، کامڻ پچڻ ]
- اَلَستُ اَرِواحَنِ کي، جَڏھِن فَرِمايو فَتاحَ، ھو مَنَ ڪاڍو ميھارَ ڏي، سُهڻِيءَ سِڪَڻُ ساھَ، دِلو دَورَ دَرياھَ جي، ڪِئو اِرادي…[ سُر سھڻي - الست ارواح، کامڻ پچڻ ]
- اَلَستُ اَرِواحَنِ کي، جَڏھِن فائِقَ فَرِمايو، ھو مَنَ ڪاڍو ميھارَ ڏي، سُھِڻِيءَ کي سَعيو، دلو دَورَ دَرياھَ جي، اوڏاھِين آيو،…[ سُر سھڻي - الست ارواح، کامڻ پچڻ ]
- تَڙِ نَہ گِهڙي تُورُ، مَنَ ڪاڍو ميھارَ ڏي، ڏاڍو دَورُ دَرياھَ ۾، سِڪَڻُ وَڏو سُورُ، مَنَ ۾ مَوجَ ميھارَ جِي،…[ سُر سھڻي - ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا ]
- واھُڙُ جَنازو سُهڻِي، ڪانڌِي ڪَنگَ ٿِئاسِ، ٻَگها جٖي ٻيٽَنِ جا، ڪُلَها تَنِ ڏِناسِ، اَکِيين مَلَڪَ ڏِٺاسِ، توءِ مَنَ ڪاڍو ميھارَ…[ سُر سھڻي - ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا ]
- ڏُونگَرَ تُون ڏاڍو، ڏاڍو ڏاڍايُون ڪَرِين، مُون تَنَ اَندَرِ تِيئَن وَھين، جِيئَن وَڻُ وَڍي واڍو، ڪَرَمَ جو ڪاڍو، نَہ تَہ…[ سُر ڪوھياري - ڪوھ سان ڪچھري ]
- لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو، وَسان ٿِي وِياسِ، پُرزا پَٻَ وَرَنِ ۾، پِٿُون ٿِي پِياسِ، توڻي ماءَ مُياسِ، تَہ پُڻ ڪاڍو…[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- مُنڌَ مائِٽياڻِي اُنِ جي، ھِتي تان نَہ ھُئِي، اُنَ سَڱَ مُقابِلِ سَسُئِي، سَندُنِ ٿي سُئِي، بيگاڻا بَلوچَ ھُئا، ڇَڏِيائُون کيرنِ…[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]
- وَسان تي ويياسِ، آيَلِ آيَلِ لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو، آھي آرِيءَ آسِري، نَڪو پيءُ نَہ ماسِ، پُرِزا پَٻَ وَرَنِ ۾،…[ سُر حسيني - وايون ]