کَنگهارَ بابت
معنيٰ
راءِ ڏياج جي داستان ۾ سورٺ جي وَرَ جو نالو.
Husband name of Sorath in Roy Diyaach story.
بيتن ۽ وائين ۾
- ريءَ مَصلِحَتَ مَڱڻا، ھِتِ قَصرِ ڪِينَ اَچَنِ، نُورَ تَجَلِي نُورَ سين، نَمِئو نيڻَ پَسَنِ، خيمي ۾ کَنگهارَ جي، چانڊُوڻا چَمڪَنِ،…[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- مِيين ۽ مَڱڻي، ڪا جَا ڳالِهہ ڳُجِهي، سا ٻائِنِ دائِنِ ٻانِهنِ، سوجهي تان نَہ سُجِهي، پِئا وِيرَ وِماسَ ۾، عاقِلَ…[ سُر سورٺ - ڏنو سر ڏياچ ]
- سَھِسين ھُئا سارِنگِئا، مانجِهي مَڱڻَھارَ، تَنِ ڳَڙَھان اوري ٿي ڳايو، سَھِسين ڪَري سِينگارَ، تُنبيري جي تَندُ جِي، پھرِين ھُئِي پَچارَ،…[ سُر سورٺ - ڏنو سر ڏياچ ]
- گُلُ ڇِنُو گِرنارَ جو، ڌَٻِڪِي وِئا دُئارَ، ٻايُون دايُون ٻانِهيُون، پِٽِئو کَڻَنِ پَارَ، پَئِي رَھِئا پَٽَ ۾، سورٺِ جا سِينگارَ،…[ سُر سورٺ - ماتام ۽ موڪلاڻي ]
- سورَٺِ مُئِي سُکُ ٿِئو، خِيما کَنيا کَنگهارَ، نَڪو راڳُ نَہ رُوپُ ڪو، نَہ ڪا تَندُ تَنوارَ، مَٿو مَڱڻَھارَ، ڏِنو سِرُ…[ سُر سورٺ - ماتام ۽ موڪلاڻي ]
- سورَٺِ مُئِي سُکُ ٿِئو، خِيما ھَنيا کَنگهارَ، ٿِئو راڳُ رُوپُ سو، لَڳي تَندُ تَنوارَ، ڍَٽِ پَٽِ پيئِي پَچارَ، تَہ راجا…[ سُر سورٺ - ماتام ۽ موڪلاڻي ]
- لاکو نَہ لاھي، مَٿان ھَني ھَٿَڙا، گهُنيرِيا گهيرُ ڪَري، اُڀو ئِي آھي، ڪُنڍِيُونۡ سي ڪاھي، خاصِيُون جٖي کَنگهارَ جُون.[ سُر ڏھر - لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ ]
- رَڙي ريٻارِڻِ روءِ، واڙي پايو وَڇَڙا، کَرا ويڻَ کَنگهارَ کي، چَنچَلِ اُڀِي چوءِ، واڙي وَڇُ نَڪو، لاکو لوڙائِنُ سين.[ سُر ڏھر - لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ ]