ڄَرَ بابت
معنيٰ
ڄِڀي، شعلو، لھس، تؤ، سيڪُ، جَلُ، کامَ.
The strong burning heat of a fire.

بيتن ۽ وائين ۾
- جِيئَن ڄيرو کائي ڄَرَ سين، عِشقُ اِيئَن ڪَري، اَڃا پِرتِ پَري، ڳالِهہ نَہ ڳالِهيُنِ جِھَڙِي.[ سُر يمن ڪلياڻ - سري پيالو ۽ موکي متارا ]
- ھاڙھي ھيٺِ لَڳا، سَڄَرَ پيرَ، تازا پيرَ پِريان جا، لُڪُون لَڳَنِ ڪوسِيُون، ڏُونگَرِ ڏِينھَن تَتا، سُونھَن سُونھارا مُنھَن موچارا، آن…[ سُر ديسي - وايون ]
- ڪِي ڌَرَتَتِي ماءُ ڪا ڄَرَ سَندِي سَڄَڻين، ھَلي ۽ واجهاءِ، ٻِنِهي ڄيرَنِ وِچَ ۾.[ سُر حسيني - ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ ]
- لُڪُنِ ۽ لَڪَنِ، ڄَرَ ڄَراٽِي سَسُئِي، ڪارَڻِ ڪوھِيارَنِ، مَرُ ٿِي چَڙِهي چوٽِيين.[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- ھئَي ھئَي جي نَہ ھُئِي، تَہ ڄَرَ ڄَراٽِئو جِندَڙو، دانھُون ڪَري دَردَ جُون، ماڳَهِين ھُوند مُئِي، سَندِي دَرَدَ دَئِي، ھئَي…[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- ڄَرَ ڄَراٽِيُنِ جِندَڙو، صُورَتَ کانيَنِ سِيءَ، اُڀِيَنِ گَهڻي اَدَبَ ۾، عادَتَ سَندِيَنِ اِيءَ، جوڳِيَنِ پانھِنجا جِيءَ، لِلہِ ڪارَڻِ لُٽِئا.[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- پُٺا ڄَرَ ڄَرَ ڄَراٽِئا، مُنھَن کانيَنِ سِيءَ، مُوھِنَ مَڱَنِ بِکِئا، نَہ ڪا لَڄَ نَہ لِيھَ، بابُو بيکارِي ٿِئا، نَڪو پُٽُ…[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- مَڙِهيَنُون موڪَلَ، ڪالَهہ ڪَندا وِئا ڪاپَڙِي، بابُو ڪَنِ نَہ بِکِئا ، اِيءَ ويراڳِيَنِ وَلَ، ڪَڏِھِين اُتَرَ سامُھان، ڪَڏِھِين دُونھِيَنِ جَهلَ،…[ سُر رامڪلي - وايون ]
- نِينھُن نِھائِينءَ جان، ڍَڪِئو ڪوھُ نَہ ڍِڪِيين، ڄَرَ ڄيري ڇَڏِي، تَہ ڪِيئَن پَچَندا ٿانءَ، سَندي ڪُنڀاران، ڪَنِ ڪَريجا ڳالِهڙِي.[ سُر رِپ - اندر، سٻر ۽ نھائين ]
- نِينھُن نِھائين جِيئَن، ڍَڪِئو ڪوھُ نَہ ڍَڪِيين، ڄَرَ ڄيري ڇَڏِي، تَہ رَڇَ پَچَندا ڪِيئَن، تُون پُڻ ڪَرجِ تِيئَن، جِيئَن ڪُنڀارَ…[ سُر رِپ - اندر، سٻر ۽ نھائين ]