ڄَرَ جي سنڌي معنيٰ
ڄِڀي، شعلو، لھس، تؤ، سيڪُ، جَلُ، کامَ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
The strong burning heat of a fire.
ڄَرَ جا بيتن ۾ حوالا
پُٺا ڄَرَ ڄَرَ ڄَراٽِئا، مُنھَن کانيَنِ سِيءَ،
مُوھِنَ مَڱَنِ بِکِئا، نَہ ڪا لَڄَ نَہ لِيھَ،
بابُو بيکارِي ٿِئا، نَڪو پُٽُ نَہ ڌِيءَ،
پَسو جَلايا جِيءَ، ويراڳِيَنِ ويراڳَ سين.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 23 ]

جِيئَن ڄيرو کائي ڄَرَ سين، عِشقُ اِيئَن ڪَري،
اَڃا پِرتِ پَري، ڳالِهہ نَہ ڳالِهيُنِ جِھَڙِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 4 ]

ڪِي ڌَرَتَتِي ماءُ ڪا ڄَرَ سَندِي سَڄَڻين،
ھَلي ۽ واجهاءِ، ٻِنِهي ڄيرَنِ وِچَ ۾.
[ سُر حسيني، ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ، 1 ]
ھَلي ۽ واجهاءِ، ٻِنِهي ڄيرَنِ وِچَ ۾.
[ سُر حسيني، ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ، 1 ]
لُڪُنِ ۽ لَڪَنِ، ڄَرَ ڄَراٽِي سَسُئِي،
ڪارَڻِ ڪوھِيارَنِ، مَرُ ٿِي چَڙِهي چوٽِيين.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 16 ]

ھئَي ھئَي جي نَہ ھُئِي، تَہ ڄَرَ ڄَراٽِئو جِندَڙو،
دانھُون ڪَري دَردَ جُون، ماڳَهِين ھُوند مُئِي،
سَندِي دَرَدَ دَئِي، ھئَي ھئَي سان ھِيڻِي ٿِي.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 30 ]

ڄَرَ ڄَراٽِيُنِ جِندَڙو، صُورَتَ کانيَنِ سِيءَ،
اُڀِيَنِ گَهڻي اَدَبَ ۾، عادَتَ سَندِيَنِ اِيءَ،
جوڳِيَنِ پانھِنجا جِيءَ، لِلہِ ڪارَڻِ لُٽِئا.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 22 ]

مَڙِهيَنُون موڪَلَ، ڪالَهہ ڪَندا وِئا ڪاپَڙِي،
بابُو ڪَنِ نَہ بِکِئا ، اِيءَ ويراڳِيَنِ وَلَ،
ڪَڏِھِين اُتَرَ سامُھان، ڪَڏِھِين دُونھِيَنِ جَهلَ،
ھُنِ سيڪِيندي ھَٿَڙا، مُون ڳاڙِيندي ڳَلَ،
چِيري چَندَنَ ڪاٺَ جِيئَن، سُورَ ڏِنائُون سَلَ،
مُون کي ڏِنا سَڄَڻين، ريءَ سِيراھِيءَ سَلَ،
ڄَرَ ڄَراٽِيُنِ جِندَڙو، کُوري کانيَنِ کَلَ،
ڪَڏِھِين پيرَ پِيادا، ڪَڏِھِين مَٿي ڀَلَ،
مولِهِيا ماڪَ پُسايا، سِيءَ سُڪايَنِ کَلَ.
[ سُر رامڪلي، وايون، 13 ]

نِينھُن نِھائِينءَ جان، ڍَڪِئو ڪوھُ نَہ ڍِڪِيين،
ڄَرَ ڄيري ڇَڏِي، تَہ ڪِيئَن پَچَندا ٿانءَ،
سَندي ڪُنڀاران، ڪَنِ ڪَريجا ڳالِهڙِي.
[ سُر رِپ، اندر، سٻر ۽ نھائين، 12 ]

نِينھُن نِھائين جِيئَن، ڍَڪِئو ڪوھُ نَہ ڍَڪِيين،
ڄَرَ ڄيري ڇَڏِي، تَہ رَڇَ پَچَندا ڪِيئَن،
تُون پُڻ ڪَرجِ تِيئَن، جِيئَن ڪُنڀارَ ڪَرِينِ ڪَمَ سين.
[ سُر رِپ، اندر، سٻر ۽ نھائين، 13 ]