پَوَنِ بابت
معنيٰ
هوا کي، واءُ کي. هِيرَ کي.
To wind, to air.
بيتن ۽ وائين ۾
- جِتي ڀيرَ ڀِرَنِ، ڀَرِيُون پَوَنِ ڀَواريُون، تانگهَہ نَہ لَڌِي تارُئين، مَپُ نَہ ماٽِيَڙَنِ، ڪَنڌِيءَ اُڀا ڪيتِرا، سِيڻاھِيا سَنڪَنِ، تُون ڪِيئَن…[ سُر سھڻي - ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا ]
- اَري بادَلِيا تُم اُتِ بَرسَ ڪَرو، ڪَٽَڪَ جِتِ مِڙَن، تَنَگَ ڀَڄَنِ تَرڪَشَ پُسَنِ، تِئا سَڄَڻُ چِتِ پَوَنِ.[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، جِتِ مِينھَن پَوَنِ ماڪُون، سُڄَنِ ٿِيُون سَيِّدُ چئَي، ھاڙِھي جُون ھاڪُون، جِتِ اينڌِيُون اوطاقُون، اُتِ ٻاتاڙَنِ…[ سُر ديسي - ڪرڙا ڏُونگر ]
- جٖي ھاڙِھي ھيٺِ چَرَنِ، تَنِ مَيَنِ مارِي آھِيان، ڏُکِيءَ سَندِيُون ڏُونگَرين، پَچارُون پَوَنِ، ڏِٺِي ڏوٿِيَڙَنِ، پارَ ڪَڍَندي پَٻَ ۾.[ سُر ديسي - جبل ڏي نہ جواب ]
- سَنجهي مُون نَہ سَنڀالِئو، صُبحَ سارِئُمِ سُورَ، اَچِئو اوٺِيَڙَنِ جا، پَل پَل پَوَنِ پُورَ، جَتَنِ لَيءِ ضَرُورَ، گَهڻا گهارِئَمِ ڏِينھَڙا.[ سُر ڪوھياري - پڇتاءَ ۽ انومان ]
- جِيءُ جِيارِئو جَنِ، سَڄَڻَ مانَ اَچَنِ، مُنھِنجو پَرَڏيھِي راڻو ڪا واري، ھِينئَڙا ٿِيءُ مَ ڪانھِلو، سَدا سانگَ پَوَنِ، کاڻِيُون لوٺِيُون…[ سُر راڻو - وايون ]
- جهنگَلِ ھَلِئا سي نَہ ڀُلِئا، راھَ ھَلِئا ڦُرجَنِ، اَوَجَهڙِ سي نَہ پَوَنِ، ٻيئِي جَنِي ڇَڏِيُون.[ سُر کاھوڙي - سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار ]
- پارو پَوارا ڪَري، لَڳي اُتَرَ مُٺِ، لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، ڪَنِ جُسي سين جُٺِ، پَوَنِ ڏِينِ نَہ پُٺِ، مَڇُڻ پوئينِ وِتُ…[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]
- جَنڊُ وَھِي جِيئَن ڪَري، مَٿي ڪِيسُ ڪَڻَنِ، داڻا جٖي دَوارَ ۾، پِيسِئو سي پَوَنِ، ڳاري ڪِينَ ڳَرَنِ، جٖي قائِمُ داڻا…[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]
- ڀَرَمُ ڀاروڙِيءَ، جَنھِن مَنجِهہ اَڇِي اُنَ، تَہ پُڻ ويٺِي وِندِيان، توڙي پَوَنِسِ تُنَ، غافِلِ رَکُ غَرِيبِ کي، عُمَرَ مَنجِهہ اَمُنَ،…[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- پانڌِي پِرِينءَ پَنوَهارَ جا، ڏِجِ نِياپا نَي ڪي، ساري ڏيجِ سَرَتِيُنِ، يادِ پَوَنِئِي جيڪي، وَلِيُون وَڻَ ڦُلارِئا، ڪِرِڙَ پَڪا ڪي…[ سُر مارئي - مَ رو، پانڌي پرين پنھوار ]