پَتَنگَ بابت
معنيٰ
پوپٽ، پروانا (باھ تي عاشق اڏامندڙ جيت)
Moths, insects who love fire.
بيتن ۽ وائين ۾
- پُڇُ پَتَنگَنِ کي، سَندِيُون کامَڻَ خَبَرُون، آڻِئو وِجَهنِ آڳِ ۾، جِيءُ پَنھِنجو جٖي، جيري جَنِي جٖي، لَڳا نيزا نِينھَن جا.[ سُر يمن ڪلياڻ - پتنگ ۽ باھ ]
- پَتَنگَنِ پَھُ ڪِئو، مِڙِئا مَٿي مَچَ، پَسِي لَھَسَ نَہ لِچِئا، سَڙِئا مَٿي سَچَ، سَندا ڳِچِنِ ڳَچَ، ويچارَنِ وِڃائِيا.[ سُر يمن ڪلياڻ - پتنگ ۽ باھ ]
- پَتَنگَنِ پَھُ ڪَري، اَچِي اُجهائِي آڳِ، ڪِينئَنِ کي قُرِبَ جي ڪا جَا لَڳِي لاڳِ، مِڙِي سَڀَ ماڳِ، کاڻا کُوري وِچَ…[ سُر يمن ڪلياڻ - پتنگ ۽ باھ ]
- کاڻا کُوري وِچَ ۾، وِئا پَتَنگَ سَڀَ پَچِي، اُنِهين وَٽِ آتِش جي، سَڀَڪا سُڌِ سَچِي، موٽِئو ڪونَہ بَچِي، کامِي مِڙيئِي…[ سُر يمن ڪلياڻ - پتنگ ۽ باھ ]
- پُرِي پَتَنگَ آئِيا، سِرِي سَھائي وَٽِ، ڪَندا ڪانَہ گهَٽِ، مَٿو وِجَهندا مَچَ ۾.[ سُر يمن ڪلياڻ - پتنگ ۽ باھ ]
- پُرِي پَتَنگَ آئِيا، سِرِي سَھائيءَ ساءِ، ڪَندا ٻِي نَہ ڪا، مَٿو وِجَهندا مَچَ ۾.[ سُر يمن ڪلياڻ - پتنگ ۽ باھ ]
- پُرِي پَتَنگَ آئِيا، سِرِي سَھائي جَهلَ، ڪَندا ڪَنڌَ اُڇَلَ، مَٿو ڏِيندا مَچَ ۾.[ سُر يمن ڪلياڻ - پتنگ ۽ باھ ]
- پُرِي پَتَنگَ آئِيا، سِري سَھائي ھيٺِ، ٿِئا ڏيٺارِئا ڏيٺِ، مَٿو ڏِيندا مَچَ ۾.[ سُر يمن ڪلياڻ - پتنگ ۽ باھ ]
- پُرِي پَتَنگَ آئِيا، سِري وَٽِ سَھائي، اَچِي پِئا آڳِ ۾، ڪُڏِي سَڀَ ڪاھي، لاڳاپا لاھي، کاڻا کُوري وِچَ ۾.[ سُر يمن ڪلياڻ - پتنگ ۽ باھ ]
- پُرِي پَتَنگَ آئِيا، مَٿي مَچَ مِڙِي، ويندا تان نَہ کِڙِي، مَٿو ڏِيندا مَچَ ۾.[ سُر يمن ڪلياڻ - پتنگ ۽ باھ ]
- پُرِي پَتَنگَ آئِيا، سائُو سَڀَ سَري، کاڻا کُوري وِچَ ۾، مَنجهان قُرِبَ ڪَري موٽِئو ڪو نَہ وَري، اُڇَلَ پَسِي آڳِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - پتنگ ۽ باھ ]
- اَچي اُجهايو آڳِ کي، پَتَنگَنِ سين پَروازَ، کامِي خاڪِ ٿِيَڻَ جا، اُنِهين وَٽِ اَندازَ، رَمزَ پَروڙِيَئُون رازَ، ڄيري جي ڄِڀِيءَ…[ سُر يمن ڪلياڻ - پتنگ ۽ باھ ]
- پَتَنگَ رَءِ رَچَنگَ، آڳِ پَسِي آئِيا، اُھي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، کُوري کَپايا، جيلاھَ لَنئُن لايا، مَرَنِ موٽَنِ ڪِينَڪِي.[ سُر يمن ڪلياڻ - پتنگ ۽ باھ ]
- جاڳِي يارا جيڏِيُون پاڻُ پَرَنِجي، ھَلَندي حَبِيبَ ڏي، ويلو وِچِ نَہ ڪِجي، مَٿي اُھِسَ اُسِرِي، پَتَنگَ جِيئَن پَئِجيءَ، اَڳِئان اُونداھِيءَ…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- ڪِلي ويرَ ڪَٽَڪَ ۾، ھَئَي جٖي حُسينُ ھو، پھرِين ڀيري ڀاءُ تي، پَتَنگَ جِيئَن پِئو، آھي ڪيرُ ٻِئو، جَو ھَلان…[ سُر ڪيڏارو - عليءَ جو اولاد ]
- جوڳِيءَ تي جَڙاءُ، نِسورو ئِي نِينھَن جو، پَتَنگَ جِيئَن پَيدا ٿِئو، سامِي سِڄَ وَڙاءُ، آيو ڪاڪِ تَڙاءُ، ڪُنوارِنِ ڪَڪورِئو.[ سُر راڻو - ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ ]