پَارَ بابت
معنيٰ
ڪنھن فوتيءَ تي روئڻ وقت ان جون وصفون بيان ڪرڻ ، اوسارا.
Lament, lamentation, or wail, moruning, sorrowing.
بيتن ۽ وائين ۾
- جِهمندِيُون اَچَنِ، جهولِيُون جُهونجهارَنِ جُون، پايو ٻُڪَ ٻُھارَ جا، تَنِ جُون وَھون واڪا ڪَنِ، پِٽِينِ پَارَ کَڻَنِ، رِڻُ گَجِئو راڙو…[ سُر ڪيڏارو - ڪامل ڪربلا ۾ ]
- مُنھَن مَٿاھان جَنِ جا، سي پِٽِيو ڪَڍَن پَارَ، جيڏِيُون ھِنَ جُهونجهارَ، اُجاري اَڇا ڪِئا.[ سُر ڪيڏارو - ڪامل ڪربلا ۾ ]
- واويلا واويلا، ڪِئو مَلَڪَنِ رِڻِ ماتامُ، ھئَي ھئَي شاھَ حُسينَ سِڌارِئو، ڪَربَلا جي پِڙَ ۾، آيا اَڄُ اَمِيرَ، جُهڙَ وَرائي…[ سُر ڪيڏارو - وايون ]
- پَرٽِياڻِيءَ پَارَ، ڪِڍِيا ھوتَ پُنهونءَ لَئي، آھِ اَسان جِي مَيَنِ تي، موڪَلَ جِي مَيارَ، ٿِي وِرُونهي وَڻَنِ سين، جَهلِئو لامَ…[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- جٖي ھاڙِھي ھيٺِ چَرَنِ، تَنِ مَيَنِ مارِي آھِيان، ڏُکِيءَ سَندِيُون ڏُونگَرين، پَچارُون پَوَنِ، ڏِٺِي ڏوٿِيَڙَنِ، پَارَ ڪَڍَندي پَٻَ ۾.[ سُر ديسي - جبل ڏي نہ جواب ]
- ڪِي جَي ڪَڍِئا پَارَ، ڏُکِيءَ ڏُونگَرَ پاڻَ ۾، سُڻِي تَنوارَ، مِرُون پِئا مامِري.[ سُر ڪوھياري - ڪوھ سان ڪچھري ]
- گُلُ ڇِنُو گِرنارَ جو، ڌَٻِڪِي وِئا دُئارَ، ٻايُون دايُون ٻانِهيُون، پِٽِئو کَڻَنِ پَارَ، پَئِي رَھِئا پَٽَ ۾، سورٺِ جا سِينگارَ،…[ سُر سورٺ - ماتام ۽ موڪلاڻي ]
- نَہ ڪُتا نَہ ڪُوڪارَ، نَہ سي سَڏَ شِڪارِيين، پِٽِئو کَڻي پَارَ، جَهنگَلُ آھيڙِيَنِ کي.[ سُر کاھوڙي - سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار ]