ٻارِي بابت
معنيٰ
ڀڙڪائِي، جلائِي.
Burning. Lit.
بيتن ۽ وائين ۾
- ٻارِئو اُجهائِينِ، پِرِين اُجهايو ٻارِينِ، مُون کي ٿا مارِينِ، لُھان لُھارَنِ جا.[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- مُون کي ٿا مارِينِ، ڪو پَھُ پِيَڙو سَڄَڻين، ٻارِئو اُجهائِينِ، پِرِين اُجهايو ٻارِينِ، لُھان لُھارَنِ جا، مُون کي ٿا مارِينِ،…[ سُر يمن ڪلياڻ - وايون ]
- دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ ڪَڙَڪا ڪُنَ ڪَرِينِ، ٻِڇَلَ ٻانڌِي ٻارِيُون، جِتِ لَهرِيُون لوڏا ڏِينِ، شَناوَرَ سامِها، سِيڻا ھِيا نَہ…[ سُر سھڻي - دھشت دام درياھَ ]
- شَمعَ ٻارِيندي شَبَ، پِرھَ باکُون کوڙِيُون، موٽُ مَران ٿِي مَينڌَرا، راڻا ڪارَڻِ رَبَ، تُنھِنجِيءَ تاتِ طَلَبَ، ڪانگَ اُڏايَمِ ڪاڪِ جا.[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- جِتِ نَہ پَکِيان پيرُ، تِتي ٽَمَڪي باھَڙِي، ٻِئو ٻارِيندو ڪيرُ کاھوڙَڪِيءَ کيرَ ري.[ سُر کاھوڙي - گنجي ٽڪر، پکيان پير ]
- جوڳِيَڙا جَھانَ ۾، نُورِي ۽ نارِي، ٻَرِي جَنِ ٻارِي، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- نَہ گِدا نَہ گَبِرِي، نَہ ڪَڇَ ڪاڇوٽِي، سامِيءَ ٻارِي سُڃَ ۾، بابُوءَ باھوٽِي، جوڳِي جَبَروتِي، ڪوھُ ڄاڻان ڪيڻِ وِئا.[ سُر رامڪلي - بُک، طعام، گدا ۽ گبري ]
- سُورُ جَنِ کي سَھجَ جو، تَنِ پُڻي نَہ پارو، ٻارَڻُ ٻارِينِ نَہ باھِ جو، سَڄو سِيارو، آرَڙ اُونَهارو، اُوءِ لُڪَ…[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]
- لَکِي ۽ لاکو، ٻَئِي مُئا ٻاجَهہ ٿِي، قادِرَ لاٿو ڪَڇَ تان، اَدِيُون اولاڪو، واَنڍِنِ ۾ واڪو، ريٻارِي رَھِي وِئا.[ سُر ڏھر - لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ ]
- نَہ لاکو نَہ لوڙِ، نَہ آھي اوسِيڙو، سُمهو سَنگهارِيُون سُکِ ٿِي، سِري ڏيئِي سوڙِ، ڪاڇي مَٿي ڪوڙِ، ريٻارِي رَھِي وِئا.[ سُر ڏھر - لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ ]