وِندُرِ بابت
معنيٰ
لس ٻيلي ۾ هڪ علائقي ۽ نئين جو نالو.
Name of an area in Lass Bela.
بيتن ۽ وائين ۾
- ھيجُ نَہ ھُوندو جَنِ، سي ڪِيئَن وِندُرِ ويندِيُون، وِھو وِچِ رَھَنِ، سَھِسين سَڌُنِ وارِيُون.[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- ڏُورِ مَ ڏيھِ وِئو، پيرُ تُنھِنجي پِرِينءَ جو، وِھَڻُ واٽَڙِيُنِ تي، ڪيچِيَنِ ري ڪِھو، وِندُرِ جو وِئو، اَلا واري آڻِيين.[ سُر آبڙي - جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي ]
- وِندُرِ جٖي وَڃَنِ، سي مَرُ ٻَڌنِ سَندِرا، ٻِيُون ڪوھُ ٻَڌنِ، ڇوڙي جٖي ڇَڏِيندِيُون.[ سُر آبڙي - جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي ]
- وِندُرِ وَرَ ڏِنامِ، ڪيچِيَنِ ڪارَڻِ ڪيتِرا، ٻاروچا ٻاجَهہ ڀَرِيا، گوشي ھُوندَ گَڏِيامِ، چيتاري چَيامِ عَرضَ پَنھِنجا اُنِ کي.[ سُر آبڙي - جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي ]
- اوڏِي آيَس جانۡ پِريان جي پيچِري، ويجهِي وِندُرَ جَنِ وَرَنِ، مَدِي نَہ ھُيَنِ مَنَ ۾، ڪيچان ڪوھُ اَچَنِ، جٖي تو…[ سُر آبڙي - وايون ]
- آڏَ تِراڇا آھُڙا، وِندُرِ وَراڪا واڪَ، اُجهايَسِ اُٺَنِ جِي، ڦوڙائي فِراقَ، پُنهون پَرَمَلَ پاڪَ، واحِدَ لَڳِ وريجِ تُون.[ سُر ديسي - آڏ تراڇا جبل ]
- ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، وِئا روڏا رِنگائي، رَھِيَسِ رَسُ لَطِيفُ چئَي، تَنھِن ڪَمِيڻِيءَ ڪاھي، ساڱاپي سيڻَنِ جي، ٿِي وِندُرِ واجهائي،…[ سُر ديسي - ڪرڙا ڏُونگر ]
- پَسِي سي سَرَھِي ٿِي، جٖي مَيَنِ لَنگهِئا مَسَ، تِٿُ تَنِ کي ناھِ ڪو، لَڪَ مِڙيئِي لَسَ، حُبَ جَنھِين کي ھوتَ…[ سُر ديسي - واٽُون ۽ سُور ]
- مُنھان مَھِندِ ٿِئا، سُورَنِ ٻَڌو سَندِرو، ڏورِ تَہ ڏورِيُون اُنِ کي، وِندُرِ جٖي وِئا، سيڻَ مُنھِنجا سَرَتِيُون، قَضا ھي ڪِئا،…[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- ٻاروچا ٻِئا گَهڻا، مُنھِنجو اَٽَلُ آرِياڻِي، چُونڊي رَکِيُمِ چِتَ ۾، ساڄَنُ سُڃاڻِي، ٿَڪِيءَ کي ٿَرَنِ ۾، پَهچائي پاڻِي، جا وِندُرِ…[ سُر حسيني - ڏورِڻ ۽ ڏسڻ ]
- اوٺِيَنِ اُماڻي، وِندُرِ جِي واٽَ ڪِي، لاھِيو لاھِيو ڏي، ساجَ سَڀَيئِي اُنِ کي.[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]