ووءِ بابت
معنيٰ
رڙ، دانھن، ڪوڪ، ڪِيھَ، ڪوڪاٽ، رانڀاٽ، ريھاٽ، راڙه.
A scream, screech. Cry.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪاڏي وَڃان ووءِ، جِيئَن وَھَڻُ وَڇارَنِ مَٽِئو، ڏوڌِي پُڇي ڏيھَ جا، جَرَ سِرِ اُڀِي جوءِ، شِڪَستِي سَيِّدُ چئَي، چِيھُون ڪِئو…[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- ڏِينھان ڏارِيءَ روءِ، راتِيان روءِ رَتَ ڦُڙا، مَنجِهہ ويچارِيءَ ووءِ، ٻَھران ٻِي ٻِيَنِ سين.[ سُر معذوري - ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون ]
- ووءِ ووءِ ڪَندِي وَتُ، مَڇُڻ ووءِ وِسارِيين، رَندَنِ مَٿي رَتُ، ھارِ تَہ مِلِين ھوتَ کي.[ سُر حسيني - ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ]
- ووءِ ووءِ ڪَندِي وَتُ، مَڇُڻ ووءِ وِسارِيين، پاڻِي ھارِ مَ پَڌِرو، رو مَنجهائِين رَتُ، صَبُرُ وَڏو سَتُ، سِگها ميڙي سُپِرِين.[ سُر حسيني - ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ]
- ووءِ ووءِ پُڻ ويئِي، رَنُنِ ڪارَڻِ جا ھُئِي، پُنهونءَ کي پيئِي، رُوَندِي ڪيرَ رَتُ ڦُڙا.[ سُر حسيني - ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ]
- ووءِ ووءِ وِڏوڻا، ووءِ ووءِ وَڃَنِ نِڱِئا، مُون سانگِياڻِيءَ جا سُپِرِين، سَچُ ڪِ سَنڀُوڙا، لاٿُمِ نَہ توڙان، ماءَ اوسِيڙو اُنِ…[ سُر حسيني - جِيئڻُ ۽ مَرڻُ ]
- گهوڙا گهَڻِيءَ ڀُون، ووءِ ووءِ وَڃَنِ نِڱِئا، مادَرِ مَٿان مُون، ڪانگَ لَوَندا ڪَڏِھِين.[ سُر حسيني - جِيئڻُ ۽ مَرڻُ ]
- ويڙِھيين مَنجِهہ وَڙالَ، آن ڪي گَڏِئا ھوتَ مُنھِنجا، گيڙُو ڪِئائُون ڪَپِڙا، رَتائُون رُومالَ، جَڏو جِيءُ جِيارِئو، تَنِ سامِيَنِ جِيءَ سَنڀالَ،…[ سُر پورب - وايون ]
- سُتو ڪِيئَن نِنڊُون ڪَرِيين، وَرَ وِھاڻِيءَ ووءِ، صُباحَ ساجُ سَندوءِ، پِئو ھُوندو پَٽَ ۾.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]