واڳَ بابت
معنيٰ
گهوڙي جي مھار، اٺ جي مھار، رسي، ٻنڌاڻ، نوڙي، چم جي پٽي جيڪا لغام ۾ لڳي. ڏور واڳ. قسمت، نصيب، ڀاڳ، بخت. اختيار.
The reins of a bridle, a halter. A double janavi or sacred Brahamanical thread.
بيتن ۽ وائين ۾
- فردا مُنڌَ ڦِٽِي ڪِي، نَقدُ کَنيو نارِ، ھِيءَ جا واڳَ وِلِهِيءَ جِي، ويرَ ڏي مَ وارِ، جيڪِي مُٺِيءَ مارِ، جيڪِي…[ سُر معذوري - ڏُکِيءَ ڏک ]
- ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، جَهلي مَيَنِ مَھارُون، وِجِهئو ھَٿَ واڳَنِ ۾، ڪَري ٻانڀَڻِ ٻاڪارُون، وَڃِي ڪِيُون وَڻِڪارَ ۾، چانگَنِ چانگارُون، ڪِئَمِ…[ سُر ديسي - ڏيرن جو ڏمر ]
- ڇا کي ٿا ڪَرَھَ قَطارِئو، واڳَ وَٺِي وَرُ وارِئو، مُون نِماڻِيءَ تان ڪِينَ چَئو، سائِينءَ ڪارَڻِ سُپِرِين، دوسِتَ دَرسَنُ ڪارِئو،…[ سُر ديسي - وايون ]
- آئُون تي ڇُلان مَٿي ڇَپَرين، جي ٻاروچي ٻاجَهہ گهَڻِي، آئُون پَنھِنجي پِرِينءَ سين، ويندِيَسِ واڳَ وَڻِي، مَرُجان پوئِيمِ مُنھَن ۾،…[ سُر ديسي - وايون ]
- ڏُونگَرَ ڏِجو ڏَسُ، مِيآن ڪو پيچِرو پُنَهَلَ جو، سيڻَنِ ڪارَڻِ سَسُئِي، وَڃَڻَ ڪِجي وَسُ، مَتان ڇورِي ڇَڏِيين، سَندو گنگِنَ گَسُ،…[ سُر ديسي - وايون ]
- ڇَپَرَ جا سِينگارَ، وارِجِ واڳَ فَقِيرِ تي، ڏُونگَرَ تُھان ڌارَ، مُون سين جَبَلُ ٿو جاڙُون ڪَري.[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- ڇَپَرَ جا سُونھان، وارِجِ واڳَ فَقِيرِ تي، دَردَ جا دُونهان، مُون مارِيندا موٽُ تُون.[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- لائي جَڙَ جَتَنِ سين، آئُون جا چَڙِھِي نِينھَن نظاري، آئُون جا ڪُٺِيَسِ ڪاڻِ ڪوھِيارِي، مَچُ مُھِنجي مَنَ تي، وِئو ٻاروچو…[ سُر حسيني - وايون ]
- ھاڙھي ويندا ھوتَ مُئيءَ جا، آيَلِ جِيجَلِ آن ڪي ڏِٺا، بَرَ ۾ بِرَھمَڻِ کي، ڇَپَرِ تان نَہ ڇَڏِيندا، موٽِي ھِنَ…[ سُر حسيني - وايون ]
- جَنھِن جو ڌَڻِيانَ ڌارَ، ٻيلِي ناھِ ڀَنڀورَ ۾، ڪَمِيڻِيءَ جِي ڪانَہ ڪِي، ساٿَ لَڏِيندي سارَ، عالَمَ جا سَردارَ، وارِجِ واڳَ…[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- راڻو رَبُ راضِي ڪَري، مانَ وَرائي واڳَ، چَندَنَ سين چِڪَ ڪِئو، مُومَلَ لِنبي ماڳَ، سوڍي جي سُھاڳَ، ڍَٽُ مِڙيوئِي ڍَڪِئو.[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- ٻي دَرِ وانءُ مَ ڪيڏانھِين، جو تُون ڄامُ مَڱَندين مَڱڻا، ڦيرِ مَ ڪَنڌُ ڪِياڙِي، ٿِيندِي حاجَ ھِنئائِين، ماڻِڪَ موتِي مالَ…[ سُر جاجڪاڻي - وايون ]
- جيڏِيُون آئُون ڪا پاڻَ وَھِيڻِي آھِيان، ڪا مُون سارَ لَھِيجا، جيڏانھَن ھَلائِينِمِ سُپِرِين، پيرَ اوڏاھِين پايان، قَلَمُ ڪاتِبَ ھَٿَ ۾،…[ سُر آسا - وايون ]
- آئُون مارُوءَ جِي آھِيان، مُون کي مارُوءَ جو آسِرو. مارُو مُون نَہ ڇَڏِيندو سُومَرا، ميڙو ٿِيندو مُؤمِنين، قَضا پاڻِ ڪَرِيندو،…[ سُر مارئي - وايون ]