واڄَٽَ بابت
معنيٰ
وڄائڻ جو ساز. نغارن، دهلن ۽ ٻين سازن جو آواز، واڄو. تمام وڏو آواز. واڄو، باجو، سازُ. واڄا، سازَ، باجا، نغارا. (سُرندو، دنبورو، سارنگي وغيرہ).
Musical instruments.
بيتن ۽ وائين ۾
- پھرِين ڪاتِي پاءِ، پُڇِجِ پوءِ پِريَتڻُون، ڏُکُ پِريان جو ڏِيلَ ۾، واڄَٽَ جِيئَن وَڄاءِ، سِيخُنِ ماھُ پَچاءِ، جَي نالو ڳِيَڙءِ…[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- ڪَرَھا مَ ڪاھِيو مِيان ڪيچِي، آئُون آرِياڻِيءَ عَرَضُ چَوَندِي، ڪَري ھوتَ ھَلَڻَ جِي، لُوٺِيءَ کي مَ لَڄايو، وَسِيلو وِلِهِيءَ جو،…[ سُر آبڙي - وايون ]
- اَلوِداعُ ھَئَي اَلوِداعُ، جانِئا ڪِيئَڙُئِي جُدا، ھِي جَو آيو مَڱِڻو، مَتارا ماري، دوسَ دوسَنِئُون دُورِ ڪَري، ٿو ڏَيا ڏيکاري، ھَڻُ…[ سُر سورٺ - وايون ]
- واڄَٽَ ويراڳِيَنِ جا، مُون وَٽِ وَڏِي وَٿُ، سونُ سَڀوئِي سِڱيُون، پَسِي ڪِينَ مَ ڪَٿُ، ويساھي ويلَ ڪَھِين، پُورَڀِ ويندو پَٿُ،…[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- واڄَٽَ ويراڳِينِ جا، مُون وَٽِ وَڏو مالُ، مَقالان مَھِندِ ٿِئا، ڪِينِهي وَٽَنِ قالُ، نَڪو ماضِي مَنَ ۾، نَڪو اِستَقَبالُ، حاصِلُ…[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- سَندَڙِيانِ سِڱَڙي، ڳالِهہ ڳُجَهڙِي، مُون مارِيندِي ڪَڏِھِين، جَا وَڄائِينِ جَتَڙا، نَہ تَنھِن نَڙَ جِھَڙِي، مُرلِيءَ کي جَنھِن ماتِ ڪِئو، نَہ…[ سُر رامڪلي - وايون ]