مِڙَنِ بابت
معنيٰ
مِلن، گڏ ٿين، گڏجي ميڙو ڪن، ڀيڙو ٿين، ڪَٺي ٿين، رَلجن
Together, gather, meet, become one
بيتن ۽ وائين ۾
- جَي مَٿي وَٽِ مِڙَنِ، تَہ سَڀَ ڪَنھِن سَڌَ ٿِئي، سِرَ ڏِني سَٽِ جُڙي، تَہ عاشِقَ اِيئَن اَچَنِ، لِڌا تي لَڀَنِ،…[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- جيڏِيُون وَٺَڙِئو ھوتَ وَڃَنِ، جَهلِيان پَليان ھِينئڙونَہ رَھي، مَرُ مَران مارِينِ مُون، پُرزا پُرزا ڪَنِ، آئُون مُيائِي گهورِي، جي مان…[ سُر يمن ڪلياڻ - وايون ]
- جاڳِي يارا جيڏِيُون پاڻُ پَرَنِجي، ھَلَندي حَبِيبَ ڏي، ويلو وِچِ نَہ ڪِجي، مَٿي اُھِسَ اُسِرِي، پَتَنگَ جِيئَن پَئِجيءَ، اَڳِئان اُونداھِيءَ…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- اُڀو تَڙِ ميھارُ، مَلاحَنِ سَڏَ ڪَري، آئُون پُڻ وِجهان ھَٿَڙا، اَئِين پُڻ وِجهو ڄارُ، گهورِيُون ڪارُونڀارُ، مانَ مِڙَنِھَئُون سُپِرِين.[ سُر سھڻي - ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا ]
- جَي قِيامَ مِڙَنِ، تَہ ڪَرَ اوڏا سُپِرِين، تِھان پَري سُڄَنِ، واڌايُون وِصالَ جُون.[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- سَڀَ نَنگِيُون ٿِي نِڪِرو، پَرَھَڻَ ڇَڏي پوءِ، سا مَھِندِ مِڙَنِئان ھوءِ، ڪَھِي جا ڪِينَ کَڻِي.[ سُر معذوري - نڱي بي بوجهہ ]
- ڏُکِيُون جانۡ نَہ مِڙَنِ، تانۡ تانۡ ڀَنَڻُ نَہ ٿِئي، ٻِيُون ھُونھِين ھَٿَ ھَڻَنِ، رِياءَ مان رَءِ پَئِي.[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- راڻا تُنھِنجِيءَ راھَ تي، ويٺِي رُئان رَوَ، دوسَ دِلِاسو جَي ڏيِين، مُون کي جيڏو جَوَ، جَي سوڍَنِ مِڙَنِ سَوَ، تَہ…[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- ٻِئَنِ مِڙَنِي ڏِنِيُون، ڏي نَہ ڏُونگرُ راءُ، اَڻَ ڏِٺِيين آڏو ڦِري، ڏِٺِيُون ڏي ڪِئا، لوڙِيُون لَکَ مَٿان، اِنَ مَٿيري موٽايُون.[ سُر بلاول - سمو سلطان ۽ ابڙو ]
- جَکِري جِھو جُوانُ، ڏِسان ڪونَہ ڏِسَنِ ۾، مُھڙُ مِڙَنِي مُرسَلين، سَرسُ سَندُسِ شانُ، خَبَرَ ڪاڻِ خَلِيلَ جي، قادِرَ مُڪو قُرآنُ،…[ سُر بلاول - جکرو جوان ]
- اُٺي ٿِي وَراڻِ، کِيئَن واڌايُون آيُون، لَٿِي لَووَرياڙِيين، مِڙَنِي مُنھَن ڪاڻِ، صُلِحُ وارِئو سُومَري، چَيو پَنوَهارَنِ پاڻِ، حَمِيرَنِئُون هاڻِ، مُھتُ…[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]