مِرُون بابت
معنيٰ
ھڪ جانور. جهنگلي جانور، حيوان، دَرندو. سوئر، خَنزيرُ.
A wild animal.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڏَکا ڏُونگَرَ جا مِرُون، مَرُ ٿا مُون تي ڪَنِ، پُوندا ڪِينَ پَرِيَٽِ تي، سَڌَرَ ٿا سُڄَنِ، سَڳائِيءَ جِي سَيِّدُ چئَي،…[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- ڏُکِيءَ سَندِيُون ڌُونگَرِين، پَسو پِٽُون پُونِ، ڏاري جو ڏُونگَرَ کي، سو ڪِي چَيو چُوَنِ، آرِيءَ جي اَفسوسَ ۾، ماڻُهو مِرُون…[ سُر معذوري - ڏُکِيءَ ڏک ]
- وِلاڙِيو وَڻين چَڙِهي، ڳِجُهنِ ٿِيندِي ڳاھُ، سَسُئِيءَ سُورِيءَ چاڙِھِئو، پِريان لَئي پاساھُ، ھُوءِ مِرُون ھِيءُ ماھُ، ڪِينَ ڪَمِيڻِيءَ رَکئِو.[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- لَڏِيندي لِباسُ، جَتَنِ جيڏو ئِي ڪِئو، آيُمِ آرِيءَ ڄامَ جو، وَڻَ وَڻَ مَنجهان واسُ، مِرُون کينِمِ ماسُ، ھَڏَ ھَلَندا ھوتَ…[ سُر ديسي - ڪيچان آيو قافلو ]
- ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، جِتِ ماٿَرِ مَٿاھِين، سُڄَن ٿا سَيِّدُ چئَي، مِرُون مَھائِين، آرِياڻِي آھِين، مَنَھُن مَعذُورِنِ جو.[ سُر ديسي - ڪرڙا ڏُونگر ]
- ڏوٿِي ڏَسُ ڏِينِ، آيَلِ ٻاروچَنِ جو، اُتي ڇَڏي ھَلِئا، جِتي مِرُون ٿا مارِينِ، اَچِئو ٿِيَنِ اوڏِڙا، ڏَمَرَ ڏيکارِينِ، وَڃان واٽَ…[ سُر ديسي - جبل ڏي نہ جواب ]
- ڪِي جَي ڪَڍِئا پارَ، ڏُکِيءَ ڏُونگَرَ پاڻَ ۾، سُڻِي تَنوارَ، مِرُون پِئا مامِري.[ سُر ڪوھياري - ڪوھ سان ڪچھري ]
- ڇِپُون ڇَپَرَ کَٽَ، پَھَڻَ پَٿِراڻِيُون ڀايان، جِتي رَھان راتِڙِي، مِرُون مُون مائِٽَ، سيڻَنِ جِيءَ سَھَٽَ، ڏُونگَرُ مُون ڏُئِلِي ٿِئو.[ سُر حسيني - ٻاروچا، فراق ۽ وصال ]
- ماڙِيءَ ھيٺان مَلُوڪَ جي، چارَڻَ چورِئو چَنۡگُ، مِرُون پِئا اُتِ مامِري، ريڌا پَسِي رَنگُ، ٻِيجَلَ لَڌو ٻَنگُ، راجا تي راضِي…[ سُر سورٺ - ڏنو سر ڏياچ ]
- سَندَڙِيانِ سِڱَڙي، ڳالِهہ ڳُجَهڙِي، مُون مارِيندِي ڪَڏِھِين، جَا وَڄائِينِ جَتَڙا، نَہ تَنھِن نَڙَ جِھَڙِي، مُرلِيءَ کي جَنھِن ماتِ ڪِئو، نَہ…[ سُر رامڪلي - وايون ]
- مِرُون ڪِينَ وَلَنِ، پَکِي ڪَنِ نَہ پورِهيو، جانۡ تُون ڏِيندَڙُ تَنِ، تانۡ آسَ اَسانھِين نَہ لَھي.[ سُر ڏھر - نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ ]
- ڪيھَرِ قَصَدُ ڪَبابَ سين، مَڇِي مُورِ نَہ کاءِ، جَي سِينھان سَؤُ لَنگهَڻين، توءِ نَہ لِکَ لَکاءِ، پيرُ تِتَھِين پاءِ، جِتِ…[ سُر ڪيڏارو - داستان پھريون ]