مُقابِل بابت
معنيٰ
سامهون، روبرو، آمهون سامهون، دُوبدُو، مُنھن اڳيان. حريف، دشمن، مخالف، ويرِي. برابر، مُساوي، مانند، مُٽُ، جوڙُ، شريڪ، ثاني، نظير، مثل، مُوافق، جِيسُ، جھڙو.
Comparing, matching, in front (of), in comparison (with), face to face, in opposition (to), opposite, converse, confronting, opposing.
بيتن ۽ وائين ۾
- ھَڻُ حَبِيبَ ھَٿُ کَڻِي، ٻَنگان لَھِي ٻاڻُ، ماڳھِين مُون مِنھُن ٿِئي، جهولِيءَ وِجهان پاڻُ، اِنَ پَرِ ساجَنَ ساڻُ، مانَ مُقابِلو…[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- ڪَربَلا جي پِڙَ ۾، آيا پاڻَ پيھِي، پَھُ ڪِيائُون پاڻَ ۾، مُقابِل ويھِي، قَضا ھِيءَ ڪيھِي، ھئَي ھئَي ٿِي حُسينَ…[ سُر ڪيڏارو - پرھ پکي آيو ]
- جِيَسِ جِيَسِ وو جيڏِيُون، مُنھِنجو لالَڻُ آيو پيھِي، مُنھِنجا وِئَڙا سُورَ سَڀَيئِي، ھُئِي شِڪَستِي سَسُئِي، رازَ پُنهونءَ جي ريهِي، ڳالِهيُون…[ سُر ديسي - وايون ]
- ھُئِي جَي نَہ ھُئِي، تَہ ٻانِهي ٻاروچَنِ جي، اُنَ سَڱَ مُقابِل سَسُئِي، سَندِيَنِ ٿي سُئِي، ھُنَ تان لَڄَ لُئِي، ھِنَ…[ سُر ڪوھياري - اُڊڪا ۽ ايلاز ]
- مُنڌَ مائِٽياڻِي اُنِ جي، ھِتي تان نَہ ھُئِي، اُنَ سَڱَ مُقابِلِ سَسُئِي، سَندُنِ ٿي سُئِي، بيگاڻا بَلوچَ ھُئا، ڇَڏِيائُون کيرنِ…[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]
- ڪِي جو ٻِيجَلَ ٻولِئو، ڀِنِيءَ ويھِي ڀانَ، راجا رَتولَنِ ۾، سِيباڻو سُلطانَ، آءُ مَٿاھُون مَڱڻا، مُقابِل مَيدانَ، گهورِيا لَکَ لَطِيفُ…[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- ماڙِيءَ ھيٺان مَلُوڪَ جي، ڪِي جَنگيلِيءَ چِيھَ، اونائِي عَلِيلَ جِي، مَٿي راجا رِيھَ، جي سِرَ ھُونِمِ وِيھَ، تَہ تَندُ مُقابِل…[ سُر سورٺ - ڏنو سر ڏياچ ]
- اَڱَڻِ آيا نَہ سَھان، ويٺي گهَرِ گُهَرانِ، مُنھَن مُقابِلِ سُپِرِين، پَسِئو ٿِي پَچانِ، وارُ نَہ سَھانِ وِچَ ۾، اَڃا دَرمِيانِ،…[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- ڪَرَھا، ڪارَڻِ ڪاھَ، توکي ڌَڻِيَنِ ڌارِئو، ساري ڏيجِ سَيِّدُ چئَي، لُڊُوڻي تان لاھَ، مُقابِلو مُومَلَ سين، ٿِيندُءِ سَنجَهہ صُباحَ، سوڍي…[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- چيتارِئو چُوندِياسِ، ڳالِهيُون کي سَڄَڻين، جُھ مُقابِلِ ٿِياسِ، تَہ سَڀَ وَڃَنِمِ وِسَريِ.[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]
- صُورَتَ سوجِهہ مَ تَنھِنجِي، تُون پِيَ پُڇين جو، سُخُنُ آھي سو، مُنھَن مُقابِل نَہ ٿِيي.[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]
- جيڪَرَ ڪِينَ جِيئان، اِنَ جاڙَ مُقابِل جيڏِيُون، ڪِھَڙو مُنھُن مَلِيرَ ڏي، کَڻِي نَڪُ نِيان، ڪَنھِن کي ڏوھُ ڏِيان، جُھ اَصلِ…[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]