مالَهہ بابت
معنيٰ
اَرٽَ ۾ ٽَڪ کي ڦيرائڻ وارِي ڏوري. اھا ڏوري يا تند جيڪا ارٽ جي چوڌاري ڦرندي آھي.
Thread which rotates around the spinner.
بيتن ۽ وائين ۾
- اَڃا وِئَڙَمِ ڪالَهہ، مُون ليکِيندي وَرِھَ ٿِئا، تَنُ ڪُماڻُو تَنِ لاءِ، جِيئَن سا ڦُلَنِ مالَهہ، اَڱَڻِ اِيندَمِ شالَ، آسَرَ ڀَرِي…[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]
- نَڪِي ڪِتوئِي ڪالَهہ، اَڄُ پُڻ اُجَهڻَ کي مَرين، مُونا اَٽِجِي اُکِڙِئا، اَرٽَ ڍَرَڪِي مالَهہ، ھَئَي تُنھِنجي حالَ، جِيئَن ڪاپي مان…[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- اَڄُ پُڻ اُجَهڻَ کي مَرين، نَڪِي ڪِتُئِي ڪالَهہ، اَرٽَ اوڏِيائي نَہ وَھين، مَحڪُمُ وَٽِيين نَہ مالَهہ، ڀورِي تو سين ڀالَ،…[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- سي اَڄُ نَہ آتَڻِ آيُون، جَنِي ڪِتو ڪالَهہ، اَرٽَ اُکَلِي مالَهہ، پُوري ويئُون نِجُهرا.[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- ڪَتي ڪَتي ڪالَهہ، اَڄُ نَہ آتَڻِ آيُون، اَرٽَ اُکَلِيَنِ مالَهہ، چَرَکا چوري وييون.[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- جَنِي ڪِتو ڪالَهہ، سي پاڻان پييُون مامِري، جَنِي ٽَڪُ نَہ مالَهہ، سَرَھِيُون سي صَرافَ سين.[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]