لُطِفَ بابت
معنيٰ
مزو، لذت، بهار، خوشي، فرحت، ذائقو، حلاوت. تازگي، نرمي، طراوت. مھرباني، ٿورو، احسان، لائق، ڀلائي ، نوازش، عطيو، عنايت ، ايڇپو، اَن گِرهُ، ديا ، مھر، وَڙُ، عطُوفَت، ڪِرِپا، ڪَرَمُ، ٻاجهہ، رحم، غُرَبا پروري.
Pleasure, sanity, favour, kindness, politeness, courtesy, benignity, pleasure, enjoyment, gratification, freshness, taste, relish.
بيتن ۽ وائين ۾
- تِرَ تارا وَڻَ وارَ، مِينھَن ڦُڙا وارِيءَ ڪَڻا، تِھائِين اَڳِرا، مُون ۾ عَيبَ اَپارَ، پائي آيَس پاندَ ۾، بَدِيُون بيشُمارَ،…[ سُر کنڀات - نيڻ ۽ تارا ]
- ڪَرَھي کي ڪَئِين، جان وِڌَمِ پَيندَ پَلَڻَ جا، ليڙو لاڻِيءَ کي چَري، نِيَرَ ساڻُ نَئِي، چانگي سَندي چِتَ ۾، ڪا…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- سودو اِھوئِي سَفِرو، سو مُون پَلَئِہ پاءِ، وَسَ ويچارِيءَ ناھِ ڪو، آگا عَرَضُ اوناءِ، ريءَ ھَمراھِيءَ ھادِيءَ جي، مُورِ نَہ…[ سُر سريراڳ - تياري ۽ ساٺ ]
- جيڪِي مَنجِهہ جَھانَ، سو تارِيءَ تَڳي تُنھِنجي، لُطِفَ جِي لَطِيفُ چئَي، تو وَٽِ ڪَمِي ڪانَہ، عَدُلَ ڇُٽان آئُون نَہ، ڪو…[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- ناکُئو نِگَھِبانُ، مُعلِمَ مُجي خَبَرُون، جَنِ ساري کَنيو سَمُنڊَ ۾، سَفَرَ جو سامانُ، لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئَي، تَنِ لَنگِهئو طُوفانُ،…[ سُر سريراڳ - جيون ۽ جھاز ]
- سِڙَه ٿي سِبِيائُون، بَندَرَ جَنِ تَڙَنِ تي، سِڙَه سِبِي ساڄا ڪري، کُوھا کَنيائُون، بيرَقُون بَحرَنِ ۾، چوڙي ڇَڏيائُون، لَهَرِيُون لَنگِهيائُون،…[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- ڪَرَ ڳَلُ ڪُوچُ ڪُنَ گَهڻا، جِتِ جَرَ واڳُون جهائِين، پاڻُ اُڇَلي آبَ ۾، وَھَ سِرِ وِڌائِين، لَهرِيُون لَنگهِيائِين، لُطِفَ ساڻُ،…[ سُر سھڻي - دھشت دام درياھَ ]
- دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، ھُنَ ڀَرِ ھُوءِ ھَڪَلَ، گهَڙو گهَڙيان اَڳِرو، وِجهي وِيرِ ٻَھَلَ، ھِنَ تَڙِ تارُو ڪيتِرا، ڪَنبايا ڪَرِڳَلَ،…[ سُر سھڻي - دھشت دام درياھَ ]
- سَڀَيئِي سِينگارَ، مُنڌَ مَرَندي ڇَڏِئا، ڳَچِيءَ وارِئو ٻانھَڙي، وَھي ساڻُ وَڇارَ، لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئَي، سِگهو رَسُ سَھاڙَ، عِشقَ جي…[ سُر سھڻي - جيئري، ساھڙ ڌاران ]
- آڏَ تِراڇا آھُڙا، وِندُرَ وَراڪا وَرَ، حُبَ جَنھِن کي ھوتَ جِي، سا ڏورِيندِي ڏُونگَرَ، پَھچائِيين پَرَوَرَ، لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئَي.[ سُر ديسي - آڏ تراڇا جبل ]
- جاڳائي جَتَنِ، گورا گَسِ ھَلايا، پَھتِي ريءَ پَھاڙَ ۾، اُٺَ مَ آڳِٽِجَنِ، سُونھان جٖي سَردارَ سين، توڏَ مَ تَرٽِجَنِ، لُطِفَ…[ سُر ديسي - اوٺي اُٻھرا ]
- مُون کي دوسِتَ حَبِيبَ جو، آسِرو آھي، جان جان اوڏا ڪَرَھا، پُڄان تان ڪاھي، موٽُ مُنھِنجا سُپِرِين، واڳُون وَرائي، آھي…[ سُر بلاول - وايون ]
- عُمَرَ اَڄُ گَڏِئامِ، ڏوٿِي اُنِهين ڏيھَ جا، پارانڀا پِرِيَنِ جا، اُڀي اُنِ چَيامِ، لَھِي لوھَ وِئامِ، لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئَي.[ سُر مارئي - مُونھان پوءِ ملير ]