لورِي بابت
معنيٰ
ڪاريگرن جو ٺاھيل تِکي نوڪ وارو تير.
Sharp arrow made by iron with skilled hands.
بيتن ۽ وائين ۾
- سَرُ جو سَڃِئو سَڄَڻين، تَنھِن لورِيءَ لوھُ ٻِئو، لَڳي ڪانُ ڪَپارَ مان، ڪَڙَڪو ڪُندَ ڪِئو، مَنجهان مُون وَھِئو، گَهائِيندو گَهٽَنِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- لورِي جِتِ لَڳومِ، اُتي اُڀو آھِيان، سُورِھُہ پِرِين سَندومِ، مَنَ ٻاجهائي ٻِئو ھَڻي.[ سُر يمن ڪلياڻ - محبت جو ميدان ۽ ڪانُ ]
- ڀينَرُ آئُون ڀورِي جَنھِن مُون سَڱُ سُڃاڻِي نَہ ڪِئو، ڏِيندا مُون ڏيرَ وِئا، جِهڄَڻَ ۽ جهورِي. لَڳِي جَنِ لورِي، ڏُونگَرُ…[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- ڇورِي نِدورِي، نَڪو مائِٽُ مُنڌَ جو، سَوين ھَلَنِ ساٿَ ۾، ڪَمِي ۽ ڪورِي، آئُون اُنَهنِ ۾ آھِيان، لَنگِهي ۽ لورِي،…[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- توکي پُڇِيُمِ تي، مَنَ ڪو اوٺِيَنِ جو اُھِڄُ ڏِيين، لورِي لَنئُن ڀَري، پاڻان وانِيئِي وَمَ جو.[ سُر ديسي - جبل ڏي نہ جواب ]
- ڪا مَ جَهلي ڪا مَ پَلي، مُنڌَ مُون کي ماءَ، آئُون سُتِي ھُو ھَلِئا، وِھاڻِيءَ وِئا، ويڙھو ڏيئِي ويڪِرو، پَهِرِي…[ سُر کاھوڙي - وايون ]
- تُون اوڍَرُ تُون اوڍَڪو، تُون اَجهو تُون آڳُ، ھِتِ پُڻ تُنھِنجو تَڪِئو، مَھِندِ پُڻ تُونھِين ماڳُ، سي لورِيُون ڏِينِ نَہ…[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]
- خَبَرَ ٿِئي کَرَنِ کي، تَہ مُون کي ڪَندا ڪوھُ، صُورَتَ سُپَيرِيَن جِي، ڏِٺي ڪو نَہ ڏوھُ، لورِي لَڳُمِ لوھُ، جَنھِين…[ سُر آسا - کَرُ ۽ حوصلو حيرت ]