لورِي جي سنڌي معنيٰ
ڪاريگرن جو ٺاھيل تِکي نوڪ وارو تير.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Sharp arrow made by iron with skilled hands.
لورِي جا بيتن ۾ حوالا
لورِي جِتِ لَڳومِ، اُتي اُڀو آھِيان،
سُورِھُہ پِرِين سَندومِ، مَنَ ٻاجهائي ٻِئو ھَڻي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 12 ]
سُورِھُہ پِرِين سَندومِ، مَنَ ٻاجهائي ٻِئو ھَڻي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 12 ]
ڀينَرُ آئُون ڀورِي جَنھِن مُون سَڱُ سُڃاڻِي نَہ ڪِئو،
ڏِيندا مُون ڏيرَ وِئا، جِهڄَڻَ ۽ جهورِي.
لَڳِي جَنِ لورِي، ڏُونگَرُ سي ڏورِيندِيُون.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 17 ]
ڏِيندا مُون ڏيرَ وِئا، جِهڄَڻَ ۽ جهورِي.
لَڳِي جَنِ لورِي، ڏُونگَرُ سي ڏورِيندِيُون.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 17 ]
ڇورِي نِدورِي، نَڪو مائِٽُ مُنڌَ جو،
سَوين ھَلَنِ ساٿَ ۾، ڪَمِي ۽ ڪورِي،
آئُون اُنَهنِ ۾ آھِيان، لَنگِهي ۽ لورِي،
لَنگهائِيين لَطِيفُ چئَي، ٿَرَنِ جا ٿورِي،
آھِيان اَزورِي، تُنھِنجي زورِي جَبَلُ لَنگهِئان.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 23 ]
سَوين ھَلَنِ ساٿَ ۾، ڪَمِي ۽ ڪورِي،
آئُون اُنَهنِ ۾ آھِيان، لَنگِهي ۽ لورِي،
لَنگهائِيين لَطِيفُ چئَي، ٿَرَنِ جا ٿورِي،
آھِيان اَزورِي، تُنھِنجي زورِي جَبَلُ لَنگهِئان.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 23 ]
توکي پُڇِيُمِ تي، مَنَ ڪو اوٺِيَنِ جو اُھِڄُ ڏِيين،
لورِي لَنئُن ڀَري، پاڻان وانِيئِي وَمَ جو.
[ سُر ديسي، جبل ڏي نہ جواب، 9 ]
لورِي لَنئُن ڀَري، پاڻان وانِيئِي وَمَ جو.
[ سُر ديسي، جبل ڏي نہ جواب، 9 ]
ڪا مَ جَهلي ڪا مَ پَلي، مُنڌَ مُون کي ماءَ،
آئُون سُتِي ھُو ھَلِئا، وِھاڻِيءَ وِئا،
ويڙھو ڏيئِي ويڪِرو، پَهِرِي پَٽِ وِئا،
جَهلُون پَلُون پائِيين، مَتِ نَہ آڇِيين ڪا،
مُون کي مُون پِرِيَنِ جا، لورِي لالَ لَڳا.
[ سُر کاھوڙي، وايون، 5 ]
آئُون سُتِي ھُو ھَلِئا، وِھاڻِيءَ وِئا،
ويڙھو ڏيئِي ويڪِرو، پَهِرِي پَٽِ وِئا،
جَهلُون پَلُون پائِيين، مَتِ نَہ آڇِيين ڪا،
مُون کي مُون پِرِيَنِ جا، لورِي لالَ لَڳا.
[ سُر کاھوڙي، وايون، 5 ]
خَبَرَ ٿِئي کَرَنِ کي، تَہ مُون کي ڪَندا ڪوھُ،
صُورَتَ سُپَيرِيَن جِي، ڏِٺي ڪو نَہ ڏوھُ،
لورِي لَڳُمِ لوھُ، جَنھِين رَتُ رُئاڙِئو.
[ سُر آسا، کَرُ ۽ حوصلو حيرت، 3 ]
صُورَتَ سُپَيرِيَن جِي، ڏِٺي ڪو نَہ ڏوھُ،
لورِي لَڳُمِ لوھُ، جَنھِين رَتُ رُئاڙِئو.
[ سُر آسا، کَرُ ۽ حوصلو حيرت، 3 ]
English Meaning
Sharp arrow made by iron with skilled hands.