عُمَرَڪوٽَ بابت
معنيٰ
عمرڪوٽ، سنڌ جو شھر ۽ سندي ئي ضلعي جو صدر مقام آهي. سنڌ جي تاريخ ۾ ھيءُ شھر قديم شھرن مان ليکجي ٿو. روايت موجب وقت جي حاڪم عمر سومري ”مارئيءَ“ کي کڻي اچي ھن شھر جي قلعي ۾ قيد ڪري رکيو هو.
Umerkot formerly known as Amarkot, is a city in Umerkot District in the Sindh province of Pakistan. The City Was Named After Rana Amar Singh. This place earlier was ruled By Sodha Rajputs Of Parmar Clan and also they were the Founders of this place.

بيتن ۽ وائين ۾
- موٽِي مانڊاڻَنِ جِي، وَرِي ڪِئائِين وارَ، وِڄُون وَسَڻَ آيُون، چوڏِسِ ۽ چوڌارَ، ڪي اُٺِيُون وَڃِي اِستَنبولَ ۾، ڪَن مَڻِئو مَغرَبَ…[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- ڍَٽِ ڍُرِي پَٽِ پييُون، آيُون عُمَرَڪوٽَ، پُسايائُون پَلُرَ سين، سُڪا پَٽَ جي سوٽَ، چَئِنچَلَ ڏيئِي ڇوٽَ، سامارو سَرِ ڪِئو.[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- کُوءِ آسُون عُمَرَڪوٽَ جُون، وَرُ جَهنگَلَ ۾جُهوپي، جي اَباڻَنِ اَڏِئا، ڳُڻَنِ سين ڳُوپي، ويندِيَسِ ويڙِهيچَنِ ڏي، لوھَ ڀَڃي لُوپي، چِڀِڙَ…[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]
- کُوءِ آسُون عُمَرَڪوٽَ جُون، وَرُ وَھَڻُ وَسڪاري، مُنھِنجو تُوۡرُ تَلِيُنِ ۾، چِيھا ٿو چاري، مَرِي ويندِيَسِ ماڳھِين، ساھيڙِيُون ساري، ڊيئِي…[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]
- مَ سَپَنِي مارُئِي، مُئِي مَ ڄائِي، جَنھِن اَچِي عُمَرَڪوٽَ ۾، لوئِي لَڄائِي. جا سانگِيَنِ سَڏائِي، سا ڪِيئَن مَرَڪي ماڙِيين.[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- سَرَتِنِ سَختَ سَنِيھَڙا، ڏيئِي مُڪا ڏُونھِن مَلِيرَ، آھِينِ عُمَرَڪوٽَ ۾، کَنڊُ مِٺايُون کِيرَ، چَسا کائِي چُورِما، ھِرِيئَن ساڻُ حَمِيرَ، ڪَنڊا…[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]
- هُنَ ڀِرَندِيءَ ڀُون، گُسَ نَہ لَڳِئَمِ گَسَ جِي، آيسِ عُمَرَڪوٽَ ۾، ٿِئو مَٿو ميرو مُون، جادُنِ پييُون جُون، ڪِيئَن مَرَڪان…[ سُر مارئي - جيھا جي تيھا ]
- ويڙِهِيچَنِ کي ٿِي واجهايان، ڀَلا ڄامَ، مان نَڪو، ميڙائي جو مِينھُن وَسي، عُمَرَ اُنَهِيءَ ڏيھَ جو، پانڌي روزُ پُڇايان، مَٿي…[ سُر مارئي - وايون ]