سِنڌُ بابت
معنيٰ
سنڌڙي، آڳاٽن زمانن کان موجود ھڪ ملڪ جو نالو. موجودہ دور ۾ پاڪستان جي هڪ صوبي جو نالو. سِنڌُو درياءُ، مِھراڻِ.
Sindh, pre historically one of the oldest civilization of the word. One oldest country, now a province of Pakistan.

بيتن ۽ وائين ۾
- جَهرَڪِيُون ۾ جِيلانَ، ڪِيائُون مِيران جو مُجِرو، جِتي غَوثُ بَھاؤالدِينُ، اُتِ مَرَڪِيُون ۾ مُلتانَ، اَچِي اُچَ اُکَتِيُون، ڪِيائُون پُرِ پُراڻِ،…[ سُر سارنگ - آگمجڻ ]
- موٽِي مانڊاڻَنِ جِي، وَرِي ڪِئائِين وارَ، وِڄُون وَسَڻَ آيُون، چوڏِسِ ۽ چوڌارَ، ڪي اُٺِيُون وَڃِي اِستَنبولَ ۾، ڪَن مَڻِئو مَغرَبَ…[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- سَڌَرَ سين سَڱُ ڪَري، پَرکَنڊينَ پيياسِ، ڪيرَ بِرَھمَڻِ ڪَنِ جي، ڪيرَ ڄاڻي ڪيڻاسِ؟ ھُوندَ نَہ سِنڌُ سُياسِ، پُرِيي ڪِيَسِ پَڌِرِي.[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- سَندَڙِيانِ سِڱَڙي، ڳالِهہ ڳُجَهڙِي، مُون مارِيندِي ڪَڏِھِين، جَا وَڄائِينِ جَتَڙا، نَہ تَنھِن نَڙَ جِھَڙِي، مُرلِيءَ کي جَنھِن ماتِ ڪِئو، نَہ…[ سُر رامڪلي - وايون ]
- جيھُسِ ڪونَہ جَھانَ ۾، سِنڌُ سُورَتَ ھِندُ ھاڻِ، دَرِ داتا مَڱُ مَنگَتا، ٻِئي جِي ڪَڍُ مَ ڪاڻِ، پاٽُوندَرُ پاڻُ، مَنَ…[ سُر بلاول - جکرو جوان ]
- جکَري جِھو، نَڪو سَمُو سِنڌُ ۾، وائِي جَنھِن جي واتَ ۾، ڏِئو ۽ ڏِئو، اَلا اَچي ڪو، ڏَڏُ وَڏو ڏانُ…[ سُر بلاول - جکرو جوان ]
- مارُئِي ناھِ مَلِيرَ ۾، نَہ ڪا وَٽِ حَمِيرَ، پُنهون ڪونِهي ڪيچَ ۾، نَڪِي سِنڌُ اَمِيرَ، مُومَلَ ناھِ ماڙِيين، گَنجي ناھِ…[ سُر مارئي - جھ سي لوڙائو ٿئا ]