سِجُ بابت
معنيٰ
سورج، آفتاب، شمس، آڏِتِ، آدتيہ، سُورِيہ، سِڄُ، مِھر.
The sun.

بيتن ۽ وائين ۾
- ھَڙَ ۾ ڪِينَ ھُونِ، ھُونھِين ھُنِ نَہ چاڙِھِئا، سارو ڏِينھُن سَمُنڊَ تي، اُلَھِي سِجُ وِئونِ، سائِينءَ سَبَبُ ڪِئونِ، سُتَڙِ ٿِئا…[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- ڍَٽِ ڍُرِي پَٽِ پييُون، ٿِئا وَلَهارِيءَ وِيءَ، سِجُ چَنڊُ نَہ پاڙيان، سيڻَنِ جي شَبِيھَ، جي جانِي اَندَرِ جِيءَ، سي پِرِين…[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- سڄو صافُ نَہ اُڀِري، سَرلي وِچان سِجُ، مُنھِن چَڙِهئو ماڻُهنِ کي، ڏي واڌايُون وِڄُ، ھِينئَڙا کَپُ مَ کِجُ، سِگها مِلَندَءِ…[ سُر سارنگ - سيڪارا سارنگ ]
- مُنھِنجي سَيِّدُ سارَ لَھَندو، مُون کي آھي، اُميدَ اللهَ ۾، جَڏھِن صُورَ ڌَڪاءُ ٿِيندو، سَڀَ اَکِيُون سِجُ ڪڍندو، ميڙو ٿِيندو…[ سُر سارنگ - وايون ]
- ڪامِلَ ڪَربَلا ۾، آيا سَيِّدَ شيرَ، سِجُ اُلَهِي سانجِهي ٿِي، مُنھَن اُونداھِيءَ ميرَ، ھَڻَنِ ھاتِڪَنِ کي، پانَوَ ڀَري پيرَ، ماري…[ سُر ڪيڏارو - ڪامل ڪربلا ۾ ]
- ڪَربَلا ڪَڪَورِي، دُلدُل رَتا پيرَ، سَٽُون ڏِيندي شيرَ، مَٿان سِجُ مُرڪِئو.[ سُر ڪيڏارو - پرھ پکي آيو ]
- جانۡ تُون ساقِي آھِين، تَہ وَٽِيءَ وِچُ مَ وِجُهہ، جُودُ تُنھِنجو جَکِرا، ثانِي آھي سِجُ، نِينھَن پِيالو نِجُ، خالِصُ ڏيجِ…[ سُر بلاول - جکرو جوان ]