سَندِيَنِ بابت
معنيٰ
پنھنجيون، سَنَدَ واريون، اختياريءَ واريون
Ours
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪَنڌِ ڪَٽارو مُنھِن وَٽِي، عادَتَ سَندِيَنِ اِيءَ، تَنِ تِڪُون ڏِنِيُون، جُنبِي مَنجهان جِيءَ، سَرو تَنِ سَبِيءَ، جَنِ سانگُ نَہ ساھَ…[ سُر يمن ڪلياڻ - سري پيالو ۽ موکي متارا ]
- جَنَتَ سَندِيَنِ جُوءِ، فائِقَ ھَلِئا فِردَوسَ ڏي، فانِي ٿِئا ”فِي اللہِ“ ۾، ھُوءِ ۾ پِئا ھوءِ، يا رَبَ ڏيکارِيين رُوءِ،…[ سُر ڪيڏارو - ڪامل ڪربلا ۾ ]
- ھُئِي جَي نَہ ھُئِي، تَہ ٻانِهي ٻاروچَنِ جي، اُنَ سَڱَ مُقابِل سَسُئِي، سَندِيَنِ ٿي سُئِي، ھُنَ تان لَڄَ لُئِي، ھِنَ…[ سُر ڪوھياري - اُڊڪا ۽ ايلاز ]
- صُورَتَ سَندِيَنِ سالَ، پاڻَ مُصاحِبَ سُپِرِين، مَولا ڏِنَنِ مُنھَن ۾، نُورِي نيڻَ نِھالَ، سَندي خُوابَ خِيالَ، مُون مَنُ مَتِوالو ڪِئو.[ سُر بروو سنڌي - صُورت فانِي ۽ مڙه مقام ]
- مُونا طُورُ سِيناءَ ، سَندا سَناسِيَنِ، سَجِدَہ گاھَ سامِيين، گوڏا گودَڙِيَنِ، فَڪَانَ قَابَ قَوْسَيْنِ أَوْ أَدْنَىٰ ، ٿا نانگا اِيئَن…[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]
- ڄَرَ ڄَراٽِيُنِ جِندَڙو، صُورَتَ کانيَنِ سِيءَ، اُڀِيَنِ گَهڻي اَدَبَ ۾، عادَتَ سَندِيَنِ اِيءَ، جوڳِيَنِ پانھِنجا جِيءَ، لِلہِ ڪارَڻِ لُٽِئا.[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- جِيمَئُون جوڳِيَڙَنِ جِي، جانِ نِھارِيَمِ جُوءِ، عَقُلُ اُتِ اوڄُون ٿِئو، ھُو ھَلِئا مَٿي ھُوءِ، مُون کي اِنَ مَذڪُورَ جِي، بانسَ…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- جيڪُسِ جَهلِيا مَڇَ، گهاتُو گهَرِ نَہ آئِيا. ڪاھي وَڃو، ناکُئا ڪَرِيو بُري تي بَڇَ. ڪاٿَي سَندِيَنِ ڪُنڍِيُون، ڪاٿَي سَندِيَنِ رَڇَ.…[ سُر گهاتو - وايون ]