سامَ بابت
معنيٰ
پناھ لاءِ ڇڏيل ماڻهو. لڄ. امانت. پناھ، اجهو، اوٽ.
For refuge or protection or one who claims such. (s. f) One kept in charge for another or the being so kept.
مضمونن ۾
بيتن ۽ وائين ۾
- بُرو بِگِيرَدِ بامَ بَليخا، مانَ پَرُوڙِي مامَ، ٿَئو دَئِي ٿَئو مان، ڪِٿان ڇُلِي ڇَپَرَ جي لامَ، اَچي تَنِ جِي سامَ،…[ سُر ديسي - ٻروچڪي ٻولي ]
- اُونءَ تان اوٺِيَنِ نَہ ڪِئو، جِيئَن اُتُنِ آرِيءَ ڄامَ، ٻَڙَڪِي ٻاھَرِ نِڱِي، گاذَرِ مَنجهان گامَ، سِسِي ڏيئِي سامَ، سُتِي سَنگهَرِ…[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]
- ضادَئُون ضَلالَتَ کان، پاڻان وِئا پَري، مَنجِهہ مُراقِبي مَشغُولُ ٿِئا، ڪامِلَ قَلبَ ڪَري، مالَها پُوتَئُون مَنَ جِي، پَڙَهنِ وِردَ وَري،…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- مَدِيني جا ڄامَ، سُڻُ مُنھِنجا سَڏَڙا، نَنڍا وَڏا اُمَتِي، اوڀائِيين اَڀامَ، سَرَڻِ تُنھِنجِيءَ سامَ، پارِ لَنگهائِيين پَھِيَڙا.[ سُر ڏھر - اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو ]
- ويڙِھِيُون جَنِ ٻانھُنِ ۾، ڍيرِيُون ٿا ڍيرِينِ، ڪوڪَڙُ پَنھِنجي قُوتَ لاءِ، وَڻَنِ ۾ ووڙِينِ، ٻِي ڀيلَ نَہ ڪا ڀيلِينِ، تَنِ…[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]
- اَڌُ لوئِي اَنگَ تي، اَڌَ ۾ ٻَچا ٻارَ، اِهَڙا جَنِ اَطوارَ، تَنِ جِي سامَ پَرتِيَئِي سُومَرا.[ سُر مارئي - جھ سي لوڙائو ٿئا ]
- پَکا پَکارِئو، تَڙِ تَماچِي آيو، گُوندَرَ لاھِيو گَندَرِيُون، آتَڻ اُجارِئو، مَڪُڙِيُون سين موتِيين، سَهجا سِينگارِئو، ڪِينجُهرُ قرارِئو، سَمي سامَ بَخشِي.[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]
- ڪارِيُون ڪوجِهيُون ڪُوَڙِيُون، مُنھِن ميرِيُون مييُون، ڀاڪُرُ پائي ڀَنِ کي، پاڻِيءَ ۾ پييُون، جي سَمي سامَ وييُون، تَنِ تان لَٿو…[ سُر ڪاموڏ - سمي سامهون گندري ]
- تو دَرِ آيَسِ سامَ، ڄامَ سَما سامَ تُنھِنجي، نَہ سَمِي نَہ سُومَري، آھِيان گَندَرِي غُلامَ، آھي مُنھِنجي مُنھَن ۾، مَڇِيءَ…[ سُر ڪاموڏ - وايون ]