سامونڊي (شاھ جو ھڪ سر)
سامونڊين بابت
![]() |
![]() |
![]() |
سامونڊي (شاھ جو سُر): شاھ جي رسالي جي ھن سُر ۾ وڻجارن ۽ سندن وھن جو احوال عمدي طريقي سان بيان ڪيل آھي. شاھ صاحب ھن سُر ۾ زال ذات جي جذبن ۽ امنگن جو جيڪو نقش چِٽيو آھي، ان مان ڄاڻ پوي ٿي تہ شاھ صاحب وڻجارين جي انتظار ۽ اوسيئڙي جو گهريءَ نظر سان مشاھدو ۽ مطالعو ڪيو آھي. لاڙ ۾ سامونڊين جي وڇڙيل وھن جي حال جي شاھ صاحب ھن سُر ۾ تصوير چٽي اٿس. وڻجارين جي من جا مونجهارا، اندر ۾ اٿندڙ ۽ پل پل پوندڙ پور، ڪانڌن جي ڦوڙائي ۾ آگي اڳيان التجائون، سندن صحيح سلامت واپس ورڻ لاءِ حيلا ۽ تپسيائون، تڙن تي ورڻ لاءِ اوسيئڙو ۽ انتظار، بندر تي ناکئن کان پُڇائون، پيرن تي پڙ باسڻ، درياھ تي اکا پائڻ، چو واٽن تي ڏيئا ٻارڻ وغيره. انهن سڀني ڪيفيتن جو نھايت دلسوز ۽ رِقت آميز نموني ۾ بيان ڪيو ويو آھي:
لڳي اتر ھير، سامونڊين سڙه سنباھيا،
ننگر کڻي ناکئا، ٿيا سڻاوا سير،
ھينئڙي ھِت اُڪير، کاري کيڙائن جي!
سنڌ جو سامونڊي ڪنارو تاريخ ۾ ھميشه اھميت وارو رهيو آھي. سنڌي قوم وڻج واپار ۽ جھاز رانيءَ جي فن ۾ ايتري تہ ماھر ھئي، جو فينقي ۽ ٻيا جھاز رانيءَ جي فن کان گهڻو متاثر ٿيا. گهڻن سڙهن وارن وڏن غورابن جي ايجاد جو سھرو بہ ھن واديءَ جي قوم تي رهيو آھي. ھتان جا جھازران ۽ ٻيڙيائتا اوڀر يورپ، وچ مشرق ۽ ڏور اوڀر توڙي ڏکڻ ۽ ڏکڻ اوڀر وارن ملڪن تي سفر جي سامونڊي طور طريقن ڪري ڪيترو وقت ڇانيل رهيا، ھتان جا وڻجارا ھن واديءَ جي ھنر ۽ ڪاريگريءَ وارين وٿن کي غورابن ۾ ڀري ڏورانھن ڏيهن ۾ وڃي وڪڻندا ھئا، جن جو ذڪر تاريخ جي ڪتابن ۽ سفرنامن ۾ اچي ٿو.
انهن وڻجارن جو سفر مھينن جا مھينا ۽ سالن جا سال ھوندو ھو، انھي واپاري ڪاڄ وارا وڻجارا جيڪي اڪثر لھاڻا نسل جا ھوندا ھئا، پنھنجو مٽ پاڻ ھئا. ٻئي طرف وري سمونڊ جي سيني تي مھاڻن ملاحن، منڌرن ۽ نڱامرن جي موج ھوندي ھئي، جيڪي غورابن جا سڙهه سنواري ۽ کوھن جي خبر وٺي ننڍن وڏن ٻيڙن کي پيا مَک ڏيندا ھئا تہ متان ڪٿي کاري جو پاڻي ٻيڙن جي کوھن ۽ تر کي کائي جوکي جو سبب نہ بڻجي. ميد نسل جي ھنن قبيلن جو ڌاڪو ھو ۽ پنھنجي واپاري ۽ جھازرانيءَ جي فن جي خوبين جي ڪري ھن واديءَ جا نڪ ھئا، جن تاريخ ۾ پنھنجا نہ وسرندڙ نشان ڇڏيا آھن.
سنڌ جي سامونڊي ڪناري تي وسندڙ غورابن جي گهٽن گهيڙن ۽ تڙن جو ڪو سنڌو ڪونہ ھو. وڏن بندرن تي واپارين، گماشتن ۽ دلالن جون ڪوٺيون ھونديون ھيون. ڪن ڪوٺين کي بچاءَ جا قلعا بہ ھوندا ھئا، ٻاھران ايندڙ غورابن ۽ جھازن تان مال لاھڻ ۽ چاڙهڻ لاءِ تڙن تي چاڙهيڪن وٽ ٻيڙين ۽ ڊونڍين جو ڪو ڇيهه نہ ھوندو ھو. ڪٿي مياڻين تي مڇي پئي لھندي ھئي تہ ڪٿي غورابن ۽ ٻيڙين جي آڍ مَک لڳي پئي ھوندي ھئي، سڙهن کي سرکو ڪيو ويندو ھو، متولن ۽ ونجهن کي سنڀاليو ويندو ھو، مطلب تہ سفر کان آيل ۽ سفر تي ويندڙ ٻنھي جي ڪھولن جو ٻُراءُ پيو ڪن پوندو ھو. تڙن تي ھلچل ۽ ھونگار ھوندي ھئي، وڻجارا ۽ واپاري گماشتا ۽ دلال، مالڪ ۽ مزدور، ڪاريگر ۽ ڪاسبي پيشه ور ۽ پورهيتن جو ھڪ انبوھه نظر ايندو ھو، جنھن ۾ ڪو مال جي اوسيئڙي ۾، ڪو سفر جي سانباھي ۾، ڪو وڪري جي وھنوار ۾، ڪو خريداريءَ جي کشت ۾ رُڌل ھوندو ھو. ڪٿي غوراب لنگر ھنيو بيٺا ھوندا ھئا تہ ڪي وري سڙهه سنباھي روانا ٿيندا ھئا. ڪن اچڻ وارن جا پري کان کوھا ۽ ڏياٽيون نظر اينديون ھيون.
ويندڙ اُداسائيءَ ۽ ارمان جي نظرن سان دلين ۾ ڪئين داستان سمائي ويندا ھئا تہ انهن سان پيار ڪندڙ وري اوسيئڙي ۾ ڪنارن ڏانھن ڏسندا ھئا. جڏهن وڻجارا ورندا ھئا، تہ سندن عزيز سندن ديدار لاءِ آتا ۽ اتاويلا پيا نظر ايندا ھئا تہ سندن وَھون پڳھ لڳنديئي محبوب جي منھن ڏسڻ لاءِ اوسيئڙي جا ارمان، ملاقات ۽ ميلاپ جا احساس کڻي منتظر نظر اينديون ھيون.
پڳھ پاسي گهار، آيل! سامونڊين جي،
وِجهي جيءُ جنجار، جِم وڃنئي نڪري!
-
جيڪر اچي ھاڻ، تہ ڪريان روح رچنديون،
آيل، ڍولي ساڻ، ڳَرِ لڳي ڳالھيون ڪريان!
وڻجارن جي آمد تي مندائتيون ريتون ۽ رسمون ادا ٿينديون ھيون. ڏياريون، ٿڌڙيون، ھوليون، عيدون ۽ برادون، پاٻوھه ۽ پريت سان ملهائبيون ھيون. مسجدن ۾ ٻانگ ۽ ٽِڪاڻن ۾ سَنک جا آواز، چيٽي چنڊ جي رات بھراڻي کڄڻ وقت جانجهه جي جھانءِ جي جهنڪار جيءَ ۾ جھيرون وجهي ڇڏيندي ھئي. وڻجارن جون ونيون ۽ وَھون، ڪونج جھڙيون ڪامڻيون درياھ شاھ تي ڪنجهي جي ٿالھين ۾ ڪڻڪ جي اٽي جا ڏيئا ٻاري انھيءَ ۾ چانور ۽ سيندور وجهي پلوَ پائي دريا شاھ تي اکا اچي وجهنديون ھيون ۽ ڀيٽا پيون ڏينديون ھيون.
نما شام مھل يا صبح سوير ڀيٽا کانپوءِ پاڻيءَ جا گڏون کڻي گهر جي ٻنڀي ۽ اوٽي تي ڇنڊا ھنيا ويندا ھئا. ڪو پردو نہ ھو، ڪا روڪ نہ ھئي، حيا شرم جو دور ھو، نفرتن جو نالو نہ ھو. لطيف سائينءَ جي دور ۾ ٻہ اڍائي سؤ سال اڳ ۾ نينھن ڀريل نرمل نظاري جو ڪھڙو انداز ھوندو، انھيءَ وارتا جا ڪھڙا ورن ھوندا ھئا، جن جو لطيف مشاھدو ڪيو ھو، اھو ھن سُر جي بيتن ۽ واين ۾ سمايل آھي.
ٿيا ڏياريءَ ڏينھن، سامونڊين سفر جي،
مون سِر وٺا جيڏيون، ڏکن سندا مينھن،
ڪيس نماڻي نينھن، کاري کيڙائن جي!
سر سامونڊيءَ ۾ اھو مشاھدو ۽ اظھار جذبات سان پر نظر اچي ٿو. جڏهن اتر جي اوت ٿيندي ھئي تہ سامونڊي سفر تي اسھڻ لاءِ غورابن ۽ ٻيڙن جي پرگهور لهڻ شروع ڪندا ھئا.
آئي اُتر مُند، ھينيين اُڊڪو نہ لھي،
وٽين لاڄو بند، ٻيهر مَکين ٻيڙيون.(شاھ)
سامونڊي سفر جا وڻجارا ۽ ٻيڙيائتا، اتر واءُ لڳڻ تي غوراب ڀري پرڏيهه پُرندا ھئا، ڏياري ڏسندي سفر جي تياري شروع ڪندا ھئا. ڏياريءَ جو ڏڻ جتي خوشين جا خزانا کڻي ايندو ھو، اتي پويان فراق ۽ ڦوڙائي، وڇوڙي ۽ وِرهه جا نشان ڇڏي ويندو ھو.
وڻجارن جي ونين ۽ وھن کي اھا سڌ ھوندي ھئي تہ ھنن جي ورن ۽ ڀتارن کي سفر جي سانباھي جي لڳي پئي آھي، جنھن لاءِ محبت جي مارين کي ھينئڙي ۾ ڪئين ھول پيا ايندا ھئا. انساني جذبن جي ھن مصور شاعر وٽ انهن جي اندر جي اڌمن ۽ پريت جي پيڙا جي عڪاسي بيمثال نظر اچي ٿي. وڻجارا غوراب ڀري سلٽ ۽ سامان کڻي ٻيڙيائتن جي ٻل تي اللہ توھار ڪري پڳھ کڻي پنڌ پوندا ھئا، وڻجارن ۽ ٻيڙيائتن جي سفر جو سلسلو ايڏو تہ اوکو ۽ اڻ کُٽ ھوندو ھو، جو ھڪ سفر پورو ڪري ايندا ھئا تہ وري کين ٻئي سفر جي سانباھي جي تات ۽ تنوار ھوندي ھئي، ان لاءِ ھو ڏيساور ۾ شين جي گهرج کپت ۽ منڊيءَ ۾ اگهه جي لاھي چاڙهي ڏسندا ھئا. ھر وقت سندن دماغ ۾ اھا ڳڻ ڳوت ۽ سودي جي سڦلتا جون ڳالھيون پيون ڦرنديون ھيون.
انهن جي اھڙي ڪيفيت کي ڏسي سندن ونيون ويچارن ۾ وسامجي وينديون ھيون.
وڻجارن جي سانباھي ۽ سندن ونين/ وھن جي من جي ڪيفيتن جو لطيف سائينءَ جيڪو نقشو چٽيو آھي، اھو ڳچ ڳاري ٿو وجهي:
سيئي جوڀن ڏينھن، جڏهن سڄڻ سفر ھليا،
رُئان رهن نہ سپرين، آيل ڪريان ڪيئن،
مون کي چاڙهي چينءُ، ويو وڻجارو اوھري.
-
اڄ پڻ وايون ڪن، وڻجارا وڃڻ جون،
مون بيٺي، ھو ھليا، بندر جي تڙن،
سرتيون سور سندن، مون ماريندي جندڙي!
شاھ لطيف جي ھن سُر ۾ ناکئن، ملاحن، ٻيڙياتن ۽ وڻجارن جي اڻانگي سفر جو بيان ڪيو ويو آھي. ھن سُر ۾ ويرن جي وڙهڻ، سمونڊن جي طوفانن ۽ ڪارونڀار ڪنن کي مردانگيءَ سان منھن ڏيڻ جو سبق ڏنو ويو آھي. لطيف جي ھن سر جا ڪردار، تصور جي دنيا ۾ جيئرا جاڳندا نظر اچن ٿا. ثابت ٿئي ٿو تہ محبت وارا مري نہ ٿا سگهن، پر سامونڊيڪو سنگ، ھميشه گوندر گاڏئون آھي: ھي بيت انهن جذبن جي عڪاسي ڪري ٿو:
پُران مان پُڄان، بندر مون ڏور ٿئا،
نہ مون ھڙ، نہ ھنج ڪي، جو چئي آءٌ چڙهان،
ائين ڪج پاتڻي، جنھن پر پرينءَ مڙان،
ڪارون ٿي ڪريان، تو در اُڀي ناکئا!
ناکئن کي ڪُنن جي ڪڙڪن ۽ سمنڊ جي ڏکيائيءَ کان شاھ صاحب ھن طرح آگاھي ڏئي ٿو:
بندر جان ڀئي تہ سکاڻيا مَ سمھو،
ڪپر ٿو ڪن ڪري، جئن ماٽي منجهہ مھي،
ايڏو سور سھي، ننڊ نہ ڪجي ناکئا!
ھن سُر ۾ سنڌ جي قديم وڻجارن جي وڻج، تڪليفن، سندن وھن/ وڻجارن جي اوسيئڙي کي جنھن ڪماليت سان شاھ لطيف ڳايو آھي، اُن ھن سر جي اھميت وڌائي ڇڏي آھي.
راڳ جي حوالي سان سامونڊي جدا ڪو راڳ يا راڳڻي نہ آھي، پر مختلف راڳن ۽ سُرن ۾ ڳايو ويندو آھي.