سامَ جي سنڌي معنيٰ
پناھ لاءِ ڇڏيل ماڻهو. لڄ. امانت. پناھ، اجهو، اوٽ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
For refuge or protection or one who claims such. (s. f) One kept in charge for another or the being so kept.
سامَ جا بيتن ۾ حوالا
تو دَرِ آيَسِ سامَ، ڄامَ سَما سامَ تُنھِنجي،
نَہ سَمِي نَہ سُومَري، آھِيان گَندَرِي غُلامَ،
آھي مُنھِنجي مُنھَن ۾، مَڇِيءَ بُوءِ مَدامَ،
مِڙِئو گَندَرِيُون پاڻَ ۾، سَمي ڪَنِ سَلامَ،
سَمي بِنان سَرَتِيُون، ڪِينجُهرَ ڀانيان قِيامَ،
اللهَ عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، مُون تان لاھِ مَلامَ.
[ سُر ڪاموڏ، وايون، 2 ]

اُونءَ تان اوٺِيَنِ نَہ ڪِئو، جِيئَن اُتُنِ آرِيءَ ڄامَ،
ٻَڙَڪِي ٻاھَرِ نِڱِي، گاذَرِ مَنجهان گامَ،
سِسِي ڏيئِي سامَ، سُتِي سَنگهَرِ پَٽِيين.
[ سُر حسيني، وڳ قطارون ۽ ڪاروُن، 23 ]
ٻَڙَڪِي ٻاھَرِ نِڱِي، گاذَرِ مَنجهان گامَ،
سِسِي ڏيئِي سامَ، سُتِي سَنگهَرِ پَٽِيين.
[ سُر حسيني، وڳ قطارون ۽ ڪاروُن، 23 ]
مَدِيني جا ڄامَ، سُڻُ مُنھِنجا سَڏَڙا،
نَنڍا وَڏا اُمَتِي، اوڀائِيين اَڀامَ،
سَرَڻِ تُنھِنجِيءَ سامَ، پارِ لَنگهائِيين پَھِيَڙا.
[ سُر ڏھر، اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو، 12 ]
نَنڍا وَڏا اُمَتِي، اوڀائِيين اَڀامَ،
سَرَڻِ تُنھِنجِيءَ سامَ، پارِ لَنگهائِيين پَھِيَڙا.
[ سُر ڏھر، اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو، 12 ]
ويڙِھِيُون جَنِ ٻانھُنِ ۾، ڍيرِيُون ٿا ڍيرِينِ،
ڪوڪَڙُ پَنھِنجي قُوتَ لاءِ، وَڻَنِ ۾ ووڙِينِ،
ٻِي ڀيلَ نَہ ڪا ڀيلِينِ، تَنِ جِي سامَ پَرَتِيَئِي سُومَرا.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 15 ]
ڪوڪَڙُ پَنھِنجي قُوتَ لاءِ، وَڻَنِ ۾ ووڙِينِ،
ٻِي ڀيلَ نَہ ڪا ڀيلِينِ، تَنِ جِي سامَ پَرَتِيَئِي سُومَرا.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 15 ]
اَڌُ لوئِي اَنگَ تي، اَڌَ ۾ ٻَچا ٻارَ،
اِهَڙا جَنِ اَطوارَ، تَنِ جِي سامَ پَرتِيَئِي سُومَرا.
[ سُر مارئي، جھ سي لوڙائو ٿئا، 20 ]
اِهَڙا جَنِ اَطوارَ، تَنِ جِي سامَ پَرتِيَئِي سُومَرا.
[ سُر مارئي، جھ سي لوڙائو ٿئا، 20 ]
پَکا پَکارِئو، تَڙِ تَماچِي آيو،
گُوندَرَ لاھِيو گَندَرِيُون، آتَڻ اُجارِئو،
مَڪُڙِيُون سين موتِيين، سَهجا سِينگارِئو،
ڪِينجُهرُ قرارِئو، سَمي سامَ بَخشِي.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 18 ]
گُوندَرَ لاھِيو گَندَرِيُون، آتَڻ اُجارِئو،
مَڪُڙِيُون سين موتِيين، سَهجا سِينگارِئو،
ڪِينجُهرُ قرارِئو، سَمي سامَ بَخشِي.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 18 ]
ڪارِيُون ڪوجِهيُون ڪُوَڙِيُون، مُنھِن ميرِيُون مييُون،
ڀاڪُرُ پائي ڀَنِ کي، پاڻِيءَ ۾ پييُون،
جي سَمي سامَ وييُون، تَنِ تان لَٿو حَرَفُ حِسابَ جو.
[ سُر ڪاموڏ، سمي سامهون گندري، 15 ]
ڀاڪُرُ پائي ڀَنِ کي، پاڻِيءَ ۾ پييُون،
جي سَمي سامَ وييُون، تَنِ تان لَٿو حَرَفُ حِسابَ جو.
[ سُر ڪاموڏ، سمي سامهون گندري، 15 ]
بُرو بِگِيرَدِ بامَ بَليخا، مانَ پَرُوڙي مامَ،
ٿَئو دَئِي ٿَئو مان، ڪِٿان ڇُلِي ڇَپَرَ جي لامَ،
اَچي تَنِ جِي سامَ، دُرَھا دُرَھا ڪَنِ جي.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 8 ]