سامِيءَ جي سنڌي معنيٰ
پھتل، روحاني طور رَسيل، وڏو، بزرگ. وِشنو جو هڪ صفاتي نالو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Saint, sage, peer
سامِيءَ جا بيتن ۾ حوالا
راڻي جِيءَ رِھاڻِ ۾، ڪو آديسِي آيو،
چوڏھِينءَ ماھَ چَنڊَ جِيئَن، ڪِئو سامِيءَ سَھائو،
لَٿو اُونداھو، جوڳِيءَ سَندِيءَ جوتِ سين.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 1 ]
چوڏھِينءَ ماھَ چَنڊَ جِيئَن، ڪِئو سامِيءَ سَھائو،
لَٿو اُونداھو، جوڳِيءَ سَندِيءَ جوتِ سين.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 1 ]
ڪالَهہ گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي، پَھَرَ سِڄَ کان پوءِ،
پَسو سُونھَن سامِيءَ جِي، رَتُ وَرِنو روءِ،
جو مُنھِن مُومَلَ جي پوءِ، موٽَڻُ تَنھِن مَسَ ٿِئي.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 3 ]
پَسو سُونھَن سامِيءَ جِي، رَتُ وَرِنو روءِ،
جو مُنھِن مُومَلَ جي پوءِ، موٽَڻُ تَنھِن مَسَ ٿِئي.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 3 ]
ڪالَهہ گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي، بابُو بيکارِي،
سامِيءَ سيلو سِرَ تي، مالَها موچارِي،
ڏيئِي ڏيکارِي، فَقِيرُ دِلِ ڦَٽي وِئو.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 5 ]
سامِيءَ سيلو سِرَ تي، مالَها موچارِي،
ڏيئِي ڏيکارِي، فَقِيرُ دِلِ ڦَٽي وِئو.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 5 ]
ڪالَهہ گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي، بابُو پاڻُ بَرِي،
سائِي شالَ ڪُلَهنِ ۾، سامِيءَ سونَ سَرِي،
خَبَرَ ڏيھُون کَرِي، ڪا مُومَلَ جي مَجازَ جِي.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 6 ]
سائِي شالَ ڪُلَهنِ ۾، سامِيءَ سونَ سَرِي،
خَبَرَ ڏيھُون کَرِي، ڪا مُومَلَ جي مَجازَ جِي.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 6 ]
بابُو ڏِٺوسُون بَرَ ۾، جِھَڙو سِڄُ صُبُوحِ،
راوَلُ رَچِي لالُ ٿِئو، جوڳِي مَنجهان جُوءِ،
تَنھِن سامِيءَ سَندي سوجِهري، ٿِي حَيرِيَتَ ۽ ھُوءِ،
جَنِ ديکِئو رُوبَروءِ، سي واصُلُ ٿِئا وِصال سين.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 10 ]
راوَلُ رَچِي لالُ ٿِئو، جوڳِي مَنجهان جُوءِ،
تَنھِن سامِيءَ سَندي سوجِهري، ٿِي حَيرِيَتَ ۽ ھُوءِ،
جَنِ ديکِئو رُوبَروءِ، سي واصُلُ ٿِئا وِصال سين.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 10 ]
سِڄُ صَباحِين جا ڪَري، سامِيءَ سا وَڻِڪَ،
سَھِي نَہ سَگهان ساعَتَ سين، تَنِ راسِينِ جي رَونَقَ،
ڪِ رَتِيَئي لاکَ سين، ڪِ ڏِنِيَئِي پانَنِ پِڪَ،
سَندِيءَ سوڍَلَ سِڪَ، ڪَپَرَ ڪورُون جَهليُون.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 13 ]
سَھِي نَہ سَگهان ساعَتَ سين، تَنِ راسِينِ جي رَونَقَ،
ڪِ رَتِيَئي لاکَ سين، ڪِ ڏِنِيَئِي پانَنِ پِڪَ،
سَندِيءَ سوڍَلَ سِڪَ، ڪَپَرَ ڪورُون جَهليُون.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 13 ]
سِڄُ صُباحِين جا ڪَري، سامِيءَ سائِي رُوءِ،
اَچي ٿِي عَطُرَ جِي، مَنجهان مُگهِٽَ بُوءِ،
سا ڏيکارِيُون جُوءِ، جِئان لاھُوتِي لالُ ٿيين.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 14 ]
اَچي ٿِي عَطُرَ جِي، مَنجهان مُگهِٽَ بُوءِ،
سا ڏيکارِيُون جُوءِ، جِئان لاھُوتِي لالُ ٿيين.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 14 ]
پَنجِوِيهيِنءَ تي پُورَڀِي، آڻِيندو اللهُ،
وَنگي وِرھَنِ ويڙِھئو، ساڻُ سَناسِيَنِ ساھُ،
آيو آبُ اکِيَنِ مان، اُڪَنڊئو ارواحُ،
سِڪَ تَنھِن سامِيءَ ساءُ، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 25 ]
وَنگي وِرھَنِ ويڙِھئو، ساڻُ سَناسِيَنِ ساھُ،
آيو آبُ اکِيَنِ مان، اُڪَنڊئو ارواحُ،
سِڪَ تَنھِن سامِيءَ ساءُ، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 25 ]
آديسِيَنِ اَدَبُ، آھي اَکَڙِيُنِ ۾،
تَنِ جو حَسَبُ نَسَبُ ناھِ ڪِي، نَہ اَبائِي نَہ اَبُ،
سامِيءَ کي سَڀَين پَريين، رُوحَ ۾ رَھِئو رَبُ،
ريءَ لانگوٽيءَ لَبُ، پاڇِي ڪَنِ نَہ پاڻَ کي.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 15 ]
تَنِ جو حَسَبُ نَسَبُ ناھِ ڪِي، نَہ اَبائِي نَہ اَبُ،
سامِيءَ کي سَڀَين پَريين، رُوحَ ۾ رَھِئو رَبُ،
ريءَ لانگوٽيءَ لَبُ، پاڇِي ڪَنِ نَہ پاڻَ کي.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 15 ]
نَہ گِدا نَہ گَبِرِي، نَہ ڪَڇَ ڪاڇوٽِي،
سامِيءَ ٻارِي سُڃَ ۾، بابُوءَ باھوٽِي،
جوڳِي جَبَروتِي، ڪوھُ ڄاڻان ڪيڻِ وِئا.
[ سُر رامڪلي، بُک، طعام، گدا ۽ گبري، 5 ]
سامِيءَ ٻارِي سُڃَ ۾، بابُوءَ باھوٽِي،
جوڳِي جَبَروتِي، ڪوھُ ڄاڻان ڪيڻِ وِئا.
[ سُر رامڪلي، بُک، طعام، گدا ۽ گبري، 5 ]
English Meaning
Saint, sage, peer