سامُهُون جي سنڌي معنيٰ
روبرو، اڳيان، منھن مقابل، آمهون سامهون، دوبدو، منھن ميل، پيش، اکين آڏو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
In front, at present, in eyes
سامُهُون جا بيتن ۾ حوالا
ايڪُ قَصَرُ دَرَ لَکَ، ڪوڙيِين سَھسَ کڙَڪِيُون،
جاڏي ڪَرِيان پَرَکَ، تاڏي صاحِبُ سامُهُون.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 23 ]
جاڏي ڪَرِيان پَرَکَ، تاڏي صاحِبُ سامُهُون.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 23 ]
ڪوٺي ڪُھي سُپِرِين، ڪوٺي ڪُھَڻَ ساڻُ،
نيزي ھيٺان نِينھَن جي، پاسي ڪَرِ مَ پاڻُ،
ڄُلُ وِڃائي ڄاڻُ، عاشِقَ اَجَلَ سامُهُون.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 17 ]
نيزي ھيٺان نِينھَن جي، پاسي ڪَرِ مَ پاڻُ،
ڄُلُ وِڃائي ڄاڻُ، عاشِقَ اَجَلَ سامُهُون.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 17 ]
لَڙُ مَ لاڙائُو ٿِئو، ھَلِي ڪَرِ ھِمَٿَ،
سِڄُ سامُهُون مُنھَن ۾، ڪَھَ ۾ ڪِجِ مَ ڪَٿَ،
سُپيرِيان جي سَٿَ، ڳاڙهي سِڄَ ڳالِهہ مِڙِين.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 1 ]
سِڄُ سامُهُون مُنھَن ۾، ڪَھَ ۾ ڪِجِ مَ ڪَٿَ،
سُپيرِيان جي سَٿَ، ڳاڙهي سِڄَ ڳالِهہ مِڙِين.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 1 ]
تَنُ کُڏِي مَنُ حُجِرو، ڪِيَمِ چالِيھا رَکُ،
پُوڄِئو ڪوھُ نَہ پُوڄِيين، اَٺَئِي پَھَرَ اَلَکُ،
تان تُون پاڻُ پَرِکُ، ھُو سَڀَ ڪَنھِن ڏانھَن سامُهُون.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 21 ]
پُوڄِئو ڪوھُ نَہ پُوڄِيين، اَٺَئِي پَھَرَ اَلَکُ،
تان تُون پاڻُ پَرِکُ، ھُو سَڀَ ڪَنھِن ڏانھَن سامُهُون.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 21 ]
سَڀَ ڪَنھِن ڏانھَن سامُهُون، ڪو ھَنڌُ خالِي ناھِ،
جي اَحَدا اَرَڳ ٿِئا، سي ڪانِئرَ ڪبا ڪانھَن،
مُحِبُ مَجهِين مَنَ ماھَ، مُون اَڄاڻندي اُجِهئو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 22 ]
جي اَحَدا اَرَڳ ٿِئا، سي ڪانِئرَ ڪبا ڪانھَن،
مُحِبُ مَجهِين مَنَ ماھَ، مُون اَڄاڻندي اُجِهئو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 22 ]
ڪارا ڪُنَ ڪارِي تُڳي، ڪارِيھَرَ ڪَڙَڪا،
مَئي مَتي مَھِراڻَ جا، دُپارا دَڙَڪا،
ويندي ساھَڙَ سامُهُون، ڏِنَسِ جهولَ جَهڙَڪا،
اَچِي پَئِي اُتَھِين، جِتِ سِيرَ سَندا سَڙَڪا،
کَرَڪَنِ جا کَڙَڪا، سُونھان ٿِئَڙَسِ سِيرَ ۾.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 5 ]

ڪَربَلا جي پِڙَ ۾، خِيما کوڙِيائُون،
جهيڙو يَزِيدَ سامُهُون، جُنبِي جوڙِيائُون،
مُنھُن نَہ موڙِيائُون ، پَسِي تاءُ تَرارِ جو.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 5 ]
جهيڙو يَزِيدَ سامُهُون، جُنبِي جوڙِيائُون،
مُنھُن نَہ موڙِيائُون ، پَسِي تاءُ تَرارِ جو.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 5 ]
جِيئَن سا ڪانِي ڪانھَنۡ، لَهسَندي لاتِيُون ڪَري،
اَچِي اُڀَرِي اوچِتِي، دَردَ پِريان جي دانھَن،
ويڄَ ڏَنڀِين ٿو ٻانھَن، سُورُ ھِنيَين کي سامُهُون.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 26 ]
اَچِي اُڀَرِي اوچِتِي، دَردَ پِريان جي دانھَن،
ويڄَ ڏَنڀِين ٿو ٻانھَن، سُورُ ھِنيَين کي سامُهُون.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 26 ]
گامُ مِڙيوئِي گوجَرِيين، مَنجِهہ رَٺُڙِيُون رَھَنِ،
ڏَھَ ڏَھَ ڀيرا ڏِينھَن ۾، خُونُ کِلَندي ڪَنِ،
سامُهُون وَڃُ مَ تَنِ، اَڳِئان راڻا ٿو رِڻُ وَھي.
[ سُر راڻو، ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ، 10 ]
ڏَھَ ڏَھَ ڀيرا ڏِينھَن ۾، خُونُ کِلَندي ڪَنِ،
سامُهُون وَڃُ مَ تَنِ، اَڳِئان راڻا ٿو رِڻُ وَھي.
[ سُر راڻو، ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ، 10 ]
لانگوٽِي لاھي، وانءُ ويراڳِيَنِ سامُهُون،
ٻَڌُ سُورَنِ جو سَندِرو، مَنجهان سِڪَ ساھي،
اُنِهين وَٽِ آھي، اوڇَڻُ ڳالِهہ اُگهاڙَ جِي.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 16 ]
ٻَڌُ سُورَنِ جو سَندِرو، مَنجهان سِڪَ ساھي،
اُنِهين وَٽِ آھي، اوڇَڻُ ڳالِهہ اُگهاڙَ جِي.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 16 ]
English Meaning
In front, at present, in eyes