سامِي جي سنڌي معنيٰ
سنت، ساڌُو، هڪ ذات جو نالو. فقيرن جو قسم. فقير، درويش، الله لوڪ. گيڙو رتا ڪپڙا پائي گهمندڙ فقير.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Faqeer, A title of respect for Brahmans and priests. Saint, seer.
سامِي جا بيتن ۾ حوالا
ارڙَھين ڏِينھِن اُٿئا، ڌاڳَنِ کي ڌوئِي،
سامِي سُکُ نَہ سَنبِرِئا، ڪو نَہ ڪَڏِھِين ڪوئِي،
ھُئَڙُنِ سُورُ سَماعَ جو، جَڳَٽَ ۾ جوئِي،
ڪَنھِن سين اورِينِ ڪِينَڪِي، سَناسِي سوئِي،
لَنگهائِينِ لَطِيفُ چئَي، راتِ سَڄِي روئِي،
سامِي سَڀَيئِي، لِڪا ڀُوڻِنَ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 18 ]

سامِي چَئجي تَنھِن کي، جو ڪُھي سَڳوۡ ڀاءُ،
طَلاقَ ڏيئِي جوءِ کي، سُمهين وَٽِ ماءُ،
اِنَ پَرِ اُٿِي آءُ، تَہ سامِي سالِمُ تُون ٿِيين.
[ سُر رامڪلي، الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي، 6 ]

سامِي چائِيين سُکَ طَلَبِيين، ھُوندَنِ جِيئَن مَ ھو،
توکي ويسَ وِڃايو، ويسُ وِڃايو تو،
سامِي آھي سو، جَنھِن مَڙُه پُوري مارِئو.
[ سُر پورب، سامي سنياسي، 12 ]
توکي ويسَ وِڃايو، ويسُ وِڃايو تو،
سامِي آھي سو، جَنھِن مَڙُه پُوري مارِئو.
[ سُر پورب، سامي سنياسي، 12 ]
سامِي چائِيين سُکُ طَلَبِيين، سُکين نَہ سامِي،
اَڃا اورِيين پَنڌَ ۾، ويٺين وِسامِي،
گُرَ کي تُون نَہ گَڏِئو، چائِيين اِنعامِي،
دائِمُ مُدامِي، پُورو رَھِجِ پِرِينءَ سين.
[ سُر پورب، سامي سنياسي، 15 ]
اَڃا اورِيين پَنڌَ ۾، ويٺين وِسامِي،
گُرَ کي تُون نَہ گَڏِئو، چائِيين اِنعامِي،
دائِمُ مُدامِي، پُورو رَھِجِ پِرِينءَ سين.
[ سُر پورب، سامي سنياسي، 15 ]
آءُ لانگوٽِئا لالَ، ڪَنھِن پَرِ ڏِٺَئِي گُجَرِيُون،
آبُ اَرَتِي گاڏَئُون، لُڙِڪَ وَھائِيين لالَ،
ڏِٺِئِي جٖي جَمالَ، سي سامِي ڪوھُ نَہ سَلائِيين.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 15 ]
آبُ اَرَتِي گاڏَئُون، لُڙِڪَ وَھائِيين لالَ،
ڏِٺِئِي جٖي جَمالَ، سي سامِي ڪوھُ نَہ سَلائِيين.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 15 ]
جوڳِيءَ تي جَڙاءُ، نِسورو ئِي نِينھَن جو،
پَتَنگَ جِيئَن پَيدا ٿِئو، سامِي سِڄَ وَڙاءُ،
آيو ڪاڪِ تَڙاءُ، ڪُنوارِنِ ڪَڪورِئو.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 11 ]
پَتَنگَ جِيئَن پَيدا ٿِئو، سامِي سِڄَ وَڙاءُ،
آيو ڪاڪِ تَڙاءُ، ڪُنوارِنِ ڪَڪورِئو.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 11 ]
لَکين لوڊِي لَٽِئا، ڪَنڌِيءَ ڪاڪِ ڪِنارَ،
ڀُون ۾ پَئِي ڀَڪو ٿِئا گهوڙا ۽ سُوارَ،
جُهونا پَسجَنِ ڪاپَڙِي، ڪُنڍا جَنِ ڪَپارَ،
سامِي سَڀَ ڄَمارَ، ويھِي ماڳِ مَرِي وِئا.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 19 ]
ڀُون ۾ پَئِي ڀَڪو ٿِئا گهوڙا ۽ سُوارَ،
جُهونا پَسجَنِ ڪاپَڙِي، ڪُنڍا جَنِ ڪَپارَ،
سامِي سَڀَ ڄَمارَ، ويھِي ماڳِ مَرِي وِئا.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 19 ]
پِرھَ جو پَيدا ٿِئو، سامِي ڪِي سِڄُ،
مَٿِسِ رَتو مولِهِيو، جِيئَن سا ڪَڪَرَ وِڄُ،
ڪَنھِين ڊاءِ مَ ڊِڄُ، کَرِيُون ويھِي ڏي خَبَرُون.
[ سُر راڻو، ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ، 1 ]
مَٿِسِ رَتو مولِهِيو، جِيئَن سا ڪَڪَرَ وِڄُ،
ڪَنھِين ڊاءِ مَ ڊِڄُ، کَرِيُون ويھِي ڏي خَبَرُون.
[ سُر راڻو، ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ، 1 ]
بابُو بيکارِي ٿِئا، آسَڻَ وَٽِ نَہ اَڄُ،
نِسوروئي ناھِ جو، سامِي ڪَنِ سَھَڄُ،
ھِنيان تَنِ سين ھَڄُ آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 26 ]