سامُونڊِي جي سنڌي معنيٰ
سمنڊ جو رھندڙ، سمنڊ جو، سمنڊ سان واسطو رکندڙ، سمنڊ تي سفر ڪندڙ. بحري خلاصي، ناکُئو
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Seaman, sailor, of or related to ocean/sea
سامُونڊِي جا بيتن ۾ حوالا
مانَ پُڇَنَئِي سُپِرِين، چِتَ ۾ ڪَريجِ چيتُ،
سِڙَه ڌُئاري صافُ ڪَري، صابُڻَ ساڻُ سُفيتُ،
سامُونڊِي سُچيتُ، ٿِيءُ تَہ پَھچين پارَ کي.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 4 ]
سِڙَه ڌُئاري صافُ ڪَري، صابُڻَ ساڻُ سُفيتُ،
سامُونڊِي سُچيتُ، ٿِيءُ تَہ پَھچين پارَ کي.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 4 ]
وَکَرُ سو وِھاءِ، جو ھِتِ کَٽي ھُتِ سَھانگو،
ويچيندي ولائِتَ کي، ذَرو ٿِئي نَہ ضاعِ،
سامُونڊِي سَندِياءِ، شَلَ ماٽِيءَ پَئي نَہ مَڪُڙِي.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 10 ]
ويچيندي ولائِتَ کي، ذَرو ٿِئي نَہ ضاعِ،
سامُونڊِي سَندِياءِ، شَلَ ماٽِيءَ پَئي نَہ مَڪُڙِي.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 10 ]
مُلاحِظو مَھِراڻَ جو، مُورِ مَ لاھِ مَنان،
سامُونڊِي سَڀاڳَ کي، سُمَهڻَ آيوءِ ساءُ،
جاڳِي جَرَ مَٿان، تاري وانءُ طَرازَ کي.
[ سُر سريراڳ، اجگر لھرون ۽ جھاز، 6 ]
سامُونڊِي سَڀاڳَ کي، سُمَهڻَ آيوءِ ساءُ،
جاڳِي جَرَ مَٿان، تاري وانءُ طَرازَ کي.
[ سُر سريراڳ، اجگر لھرون ۽ جھاز، 6 ]
سوداگَرَ سَمُنڊَ جا، لاڄُو لالَ وَٽيجِ،
سِڙَه سَنباھَي سَقُلاتَ جا، کُوھا خُوبُ کَڻيجِ،
اَڇا اولا عاجَ جا، چَڱا چِٽائيجِ،
سَتَ سُکاڻِيُون سَنباھِ تُون، ڇَھَ ڇَڄَھِرِيُون اَڏيجِ،
سَٽِ ساري سَيِّدُ چئَي، پُوري پُڄائيجِ،
مُلا مُعلِمَ خَبَرُون، پُڇِي پَرُوڙيجِ،
وَّسَقَاهُـمْ رَبُّهُـمْ شَرَابًا طَهُوْرًا ، پاڻِي پاڪُ پِيئيجِ،
جَنھِن کي سِڪي سَڀَڪو، پِرِين سو پَسيجِ،
لُڙَ ۾ ڪِيمَ لُڏيجِ، سامُونڊِي سُتَڙِ ٿِيين.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 1 ]

سامُونڊِي ٿو سَنبَھين، ساڄو جَهلِ سُکانُ،
لَڳي واءُ وَڏاندَرو، مُنجهائي مَھِراڻُ،
جَنِي ڀانيو پاڻُ، ڪَري تَوائِي تَنِ کي.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 4 ]
لَڳي واءُ وَڏاندَرو، مُنجهائي مَھِراڻُ،
جَنِي ڀانيو پاڻُ، ڪَري تَوائِي تَنِ کي.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 4 ]
اُونِهي ۾ اوھَرِي، جَڏھِن وِئا جٖي،
موٽِي ماڳِ نَہ آيا، ماءِ سامُونڊِي سي،
کارو تَنِي کي، جيڪُسِ وَھُ وَرِي وِئو.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 14 ]
موٽِي ماڳِ نَہ آيا، ماءِ سامُونڊِي سي،
کارو تَنِي کي، جيڪُسِ وَھُ وَرِي وِئو.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 14 ]
اوڙاھِ وِئا نَہ وَرِئا، آئُون تَنھِن مارِي ويڻَ،
ڪَري سامُونڊِي سيڻَ، جُسي جارُ پِرائِيو.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 15 ]
ڪَري سامُونڊِي سيڻَ، جُسي جارُ پِرائِيو.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 15 ]
سامُونڊِي ساري، مَٿي تَڙَ گُذارِيان،
مُون کي ٿِي ماري، تَنِي سَندِي ڳالِهڙِي.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 19 ]
مُون کي ٿِي ماري، تَنِي سَندِي ڳالِهڙِي.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 19 ]
سامُونڊِي ساري، ماءَ مُنھِنجو جِندَڙو،
بَندَرِ ويچاري، وَڃِي لايا ڏِينھَڙا.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 20 ]
بَندَرِ ويچاري، وَڃِي لايا ڏِينھَڙا.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 20 ]
سامُونڊِي ساري، ماءَ مُنھِنجو جِندَڙو،
ڪارَڻِ وَڻِجاري، گهَڻو اُڪَنڊِي آھِيان.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 21 ]
ڪارَڻِ وَڻِجاري، گهَڻو اُڪَنڊِي آھِيان.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 21 ]
English Meaning
Seaman, sailor, of or related to ocean/sea