سامُونڊِيءَ جي سنڌي معنيٰ
سمنڊ اندر رھڻ وارا، سمنڊ رستي واپار ڪندڙ، سامونڊي
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Seafarers
سامُونڊِيءَ جا بيتن ۾ حوالا
آيَلِ ڪَرِيان ڪِيئَن وو مُنھِنجو نِينھُن پَلِئو نَہ رَھي،
سامُونڊِيءَ جي سَڱَ کي، رُئان راتو ڏِينھَن،
مادَرِ پائي مُنڊِيُون، وَڃان سَيِّدَ سِينءَ،
وِئو وَڻِجارو اوھَرِي، مُون کي چاڙِھي چِيئَن،
گُوندَرَ مَٿان جِندَڙي، وَرِئا وَلِيُنِ جِيئَن،
اُڏوھِيءَ جِيئَن ڏُکَڙا، چَڙِهئا چوٽِيءَ سِينءَ.
[ سُر سامونڊي، وايون، 5 ]

جٖي اُھَرِئَمِ اَڄُ، سي ڪَڏِھِين اِيندا مان ڳَري،
پِريان جِي ھُنَ پارَ ڏي، وَڃِي دَؤُنڪِي ڌَڄُ،
سامُونڊِيءَ ڪو ڏَنجُهہ، ماءُ مارِيندُمِ ڪَڏِھِين.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 16 ]

وِئا اَٿَمِ ھوتَ ھَڻِي، آئُون تَنھِن جَڙَ جَڏِي ڪِي،
سامُونڊِيءَ جي سَڱَ جي، ھِنيَين حُبَ گهَڻِي،
سِڙُه ڏيئِي سِيرَ ٿِئا، ڇِنِي تَندُ تَڻِي،
لائِيندِيَيسِ لِڱَنِ کي، سَندِي پِرِينءَ پڻيِ،
وِڌائُون اُتَرَ آسِري، کُوھا ڪالَهہ کَڻِي،
اللهَ ڀَڃُ مَ اُنِ جي، اولي جِي اَڻِي،
وَکَرُ چاڙِھِيو ٻيڙِيين، وَڻِجارَنِ وَڻِي،
اُنِ سين عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، ميڙِيندُمِ ڌَڻي.
[ سُر سامونڊي، وايون، 11 ]

سامُونڊِيءَ ڪو سَڱُ، آھي گُوندَرَ گاڏَئُون،
اَنگهُنِ چاڙھي اَنگُ، وِئو وَڻِجارو اُھَرِي.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 18 ]

سامُونڊِيءَ جي سُورَ، ڪِيَمِ جِيءُ جيڏارِئُون،
پُونِ ڏِھاڙِي پُورَ وِرِھَ جا وُجُودَ ۾.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 2 ]