سامانُ جي سنڌي معنيٰ
مال، شيءِ، ٿوڪ، وٿ، توشو، مڏي، اسبابُ، ٽپڙ. ملڪيت، مالي، جائداد، املاڪ. اوزار، هٿيار.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Good, property, articles, apparatus, materials.
سامانُ جا بيتن ۾ حوالا
ناکُئو نِگَھِبانُ، مُعلِمَ مُجي خَبَرُون،
جَنِ ساري کَنيو سَمُنڊَ ۾، سَفَرَ جو سامانُ،
لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئَي، تَنِ لَنگِهئو طُوفانُ،
سَنڀاري سُبحانُ، وَڃِي عادَنِئُون اُکَتا.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 14 ]

پُنهون پِريشانُ، ھئَي ھئَي حالُ مُنھِنجو،
مُون کي بُکَ بوتَنِ جِي، نَڪِي ڀايان نانُ،
شَھَرُ صَحرا ڀانيان، مُون ليکي مَيدانُ،
وجِهجِ پِڪَ پينارَ تي، پِريَمِ کائِي پانُ،
پِٽِيان مُنھُن پَسَڻَ لَئِي، ھِتي ٿِي حَيرانُ،
ديوانِيءَ کي دِلِ ۾، سُورَنِ جو سامانُ،
رُئان ٿِي رِڃُنِ ۾، آرِيءَ لئِي عُرِيانُ،
آھي آرِيءَ ڄامَ جو، مُون کي ڪارِي ڪانُ،
ڪَڏِھِين ٿِيندو ڪيچَ ۾، مُٺِيءَ جو مَڪانُ،
آھِين عَبدِالْلَطِيفُ کي، اَڳِئان تُون اَڳواڻُ.
[ سُر حسيني، وايون، 5 ]

جَهڻِ پِيَڻُ جَهنگَلِ رَھَڻُ، اِيءُ غَرِيبَنِ گُذارنُ،
اُنَ اوڍَڻُ اُنِ جو، ڪَنِ سائين جو سامانُ،
آگا ڪَرِ اِحسانُ، تَہ ويٺاھُونِ ويڙِھ ۾.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 19 ]

مِينڍي ۾ مَرَجانُ، ڪِينَ پَنوَهارِيُون پائِينديُون،
مُون جيڏِيُون مَلِيرَ ۾، ڪَنِ سانئَين جو سامانُ،
ڪوھُ ڪَرِيان آئُون کَٽُنِ کي، مِٽِي اَسان جو مَڪانُ،
سَدا سَنگهارَنِ جو، گَهيٽَنِ سين گُذرانُ.
[ سُر مارئي، وايون، 28 ]