دَعويٰ بابت
معنيٰ
گهُر، طلب، تقاضا، ڇڪ، طلبي، خواهش، مطالبو. مُعاملو، تڪرار، بحث، حقُ. مقدمو، ديوانِي ڪيس، فرياد، دانھن، ڪُوڪَ، پُوڪار، پُڪار، قاعدي جي ڪارروائي.
Suit, claim, assertion, pretension, lawsuit, plaint, demand, enunciation, contention, charge, accusation, a right or claim to the ownership of something or to a rank or throne, pretension.
بيتن ۽ وائين ۾
- جان عاشِقَ مَٿي ماسُ، تان دَعويٰ ڪَري مَ نِينھَن جِي، سائو مُنھُن سُونھَن ڳَئِي، لِڱَنِ ناھِ لِباسُ، اُڀو پِريان پاسِ،…[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- ٻوڙِين چاڙِھِينِ تُون ڌَڻِي، ٻي جو دَعويٰ رَسي نَہ دَمُ، ھِنَ مُنھِنجي حالَ جو، ميھَرَ تي مَعلُومُ، رَکُ ڀيلي جو…[ سُر سھڻي - ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا ]
- اُو ڏَمَرِئو ڏِسُ، ھِيءُ حِيلو ھُوَنهِين ھارَ جو، سُڻو سَڀَ سَرَتِيُون، اِيءُ وَرُ نَہ ڪَنهِين وَسِ، دَعويٰ پِهرِئين دَسِ، ڀَڃِئو…[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- اَکڙِيُون اَکَڙِيُنِ تي، ڏَمَرَ ڏُکَ ڪَرِين، جيلاھَ سِڪَڻُ سِکِيُون، تي دَعويٰ مَنجِهہ دَڙِينِ، کِلَنِ ۽ کَڙِينِ، رُسَنِ پَرچَنِ پاڻَ ۾.[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]
- چِيري چِيري چَمُ، لُوڻُ لِڱَنِ لائِيين، مُون ڪُرَ اَڳي نَہ ڪِئو، اِهَڙو ڪوجهو ڪَمُ، جانۡ جانۡ دَعويٰ دَمُ، تانۡ تانۡ…[ سُر مارئي - جيھا جي تيھا ]