دَعويٰ جي سنڌي معنيٰ
گهُر، طلب، تقاضا، ڇڪ، طلبي، خواهش، مطالبو. مُعاملو، تڪرار، بحث، حقُ. مقدمو، ديوانِي ڪيس، فرياد، دانھن، ڪُوڪَ، پُوڪار، پُڪار، قاعدي جي ڪارروائي.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Suit, claim, assertion, pretension, lawsuit, plaint, demand, enunciation, contention, charge, accusation, a right or claim to the ownership of something or to a rank or throne, pretension.
دَعويٰ جا بيتن ۾ حوالا
جان عاشِقَ مَٿي ماسُ، تان دَعويٰ ڪَري مَ نِينھَن جِي،
سائو مُنھُن سُونھَن ڳَئِي، لِڱَنِ ناھِ لِباسُ،
اُڀو پِريان پاسِ، مَٿان سِرَ سودا ڪَري.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 7 ]

ٻوڙِين چاڙِھِينِ تُون ڌَڻِي، ٻي جو دَعويٰ رَسي نَہ دَمُ،
ھِنَ مُنھِنجي حالَ جو، ميھَرَ تي مَعلُومُ،
رَکُ ڀيلي جو ڀَرَمُ، جَو اَوَتَڙِ پِئو اَجهورَ ۾.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 2 ]

اَکڙِيُون اَکَڙِيُنِ تي، ڏَمَرَ ڏُکَ ڪَرِين،
جيلاھَ سِڪَڻُ سِکِيُون، تي دَعويٰ مَنجِهہ دَڙِينِ،
کِلَنِ ۽ کَڙِينِ، رُسَنِ پَرچَنِ پاڻَ ۾.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 25 ]

چِيري چِيري چَمُ، لُوڻُ لِڱَنِ لائِيين،
مُون ڪُرَ اَڳي نَہ ڪِئو، اِهَڙو ڪوجهو ڪَمُ،
جانۡ جانۡ دَعويٰ دَمُ، تانۡ تانۡ پِرتِ پَنوهارَ سين.
[ سُر مارئي، جيھا جي تيھا، 4 ]

جان عاشِقَ مَٿي رَتُ، تان دَعويٰ ڪَري مَ نِينھَن جي،
سائو مُنھُن سُونھَن ڳَئِي، سِڪَڻَ اِيءُ شَرَطُ،
نَڪِي گوڏِ گَرَٿُ، مَٿان سِرَ سودا ڪَري.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 8 ]

اُو ڏَمَرِئو ڏِسُ، ھِيءُ حِيلو ھُوَنھِين ھارَ جو،
سُڻو سَڀَ سَرَتِيُون، اِيءُ وَرُ نَہ ڪَنھِين وَسِ،
دَعويٰ پِھرِئين دَسِ، ڀَڃِئو ٿو ڀورا ڪَري.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 32 ]