دَردُ بابت
معنيٰ
سُور، تڪليف، پيڙا، لڇ
Pain
بيتن ۽ وائين ۾
- مَينُون ماھِي، عِشقُ رانجَهنِ دا، راتِيان دَردُ ڏِينھان دَرماندِي لوڪان خَبَرَ نَہ ڪائِي، دارُون ھِنَ دَردَ جو، آھِين تُون اِلاھِي،…[ سُر ڪلياڻ - وايون ]
- پاڻِهين ٻَڌنِ پَٽِيُون، پاڻِهين ڌَڪَ ڌُئَن، ويڄَنِ وِرِچِي ڇَڏِئا، اَڄُ ڪِي ڪالَهہ مَرَنِ، ڪَنھِن کي ڪِينَ چَوَنِ، تَہ دَردُ اَسان…[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- وِرسِئا ويڄَ ويچارا، ڀُلئا ويڄَ ويچارا، دِلِ ۾ دَردُ پِرِيَنِ جو، مَنَ ۾ مَرِضُ پِرِيَنِ جو، اُٿِئو ويڄا مَ وِھو،…[ سُر يمن ڪلياڻ - وايون ]
- وَھِلِي وانءُ مَ وِھامِي، رَھُ راتِ رائيِندِيَس سُپِرِين، شَمعَ ٿيِندِيَس شَبَ ۾، اِنَ خُوشِيءَ کان کامِي، بابُوئنِ سَندِيءَ باھِ جِيئَن،…[ سُر کنڀات - وايون ]
- مَعلُومُ حالُ حَبِيبَ، مُون کي دَردُ قَدِيِمي وو، دَردُ جَدِيدِي وو حُبَ حَبِيبِي وو، آلُودِي آزارَ کان، تو ريءَ ٿِيَسَ…[ سُر آبڙي - وايون ]
- دَردُ نَہ لَھي دارُوئين، زُلفَ ڪِيَسِ زافُ، سَندو ڪاڪُلَ ڪافُ، ماري مَعذُورِنِ کي.[ سُر معذوري - ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون ]
- تَپُ تَڙِئائِين، سَمُنڊِ وِڌائِين، نِئائِين مَرِضُ مُؤمِنَنِ تان، دَردُ پاڻَ دَردَ ۾، ٻَرو ٻُڏو ٻاجَهہ ڪِئائِين، اَگها سَڀَ سَگها ٿِئا،…[ سُر مارئي - وايون ]