خاڪِ بابت
معنيٰ
مِٽي، لَٽَ، ڊُسِڙ، ڌُڌڙ، دَزَ، رَئِي. ڦُلهيار، ڦُلهير، ڇار، ڪيرِي، رَکَ. زمين، ڌرتي. بزرگن جي مزار تان آندل مٽي يا خاڪ. ڪجهہ بہ نہ. بلڪل نہ. ذرو بہ نہ.
Dust, powder, ashes, dust taken from a saint’s tomb.

بيتن ۽ وائين ۾
- کاڻا کُوري وِچَ ۾، وِئا پَتَنگَ سَڀَ پَچِي، اُنِهين وَٽِ آتِش جي، سَڀَڪا سُڌِ سَچِي، موٽِئو ڪونَہ بَچِي، کامِي مِڙيئِي…[ سُر يمن ڪلياڻ - پتنگ ۽ باھ ]
- اَچي اُجهايو آڳِ کي، پَتَنگَنِ سين پَروازَ، کامِي خاڪِ ٿِيَڻَ جا، اُنِهين وَٽِ اَندازَ، رَمزَ پَروڙِيَئُون رازَ، ڄيري جي ڄِڀِيءَ…[ سُر يمن ڪلياڻ - پتنگ ۽ باھ ]
- اَکِئان ميگهُہ مَلارُ، صُورَتَ تيڏِيءَ سَڀَ جَڳُ موھِيا، سَجِدو فِيلَ فِي الحالِ ڪِئو، پَسِي مُطِلِبَ نُورُ نِراَڙَ، ڄاپَڻَ وَقتِ وَرِيامَ…[ سُر سارنگ - وايون ]
- چَلو يارو مُسَلمانو، شَھِيدا ڪافَر مارِئا ھَي، حُسينَ ڪُون، نُورُ ڪا پِيالا خُدا دي، ڀَرِ پِلايا ھي، جِنان دي گهوڙي…[ سُر ڪيڏارو - وايون ]
- تَندُ تُمارِيءَ تانُ، جو ڪَھِيو سو قَبُول ٿِئو، سِرُ تَہ آھي سَٽِ ۾، ٻِئو ڪو مَڱِجِ دانُ، اِيءُ خاڪِ مِٽِي…[ سُر سورٺ - ماتام ۽ موڪلاڻي ]
- پِئا ڪَنھِن پَرياڻَ ۾، ڇَھين ڏِينھِن ڇَڻِي، اَندَرِ آديسِيَنِ کي، ڌُرِيائِين ڌَڻِي، ٻَري ٻاجهارا ڪِئا، کانئي خاڪِ کَڻِي، پِنِئو پَنجَ…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- ويراڳِي وارَنِ کي، ڇَوِيھِينءَ ڇوڙِينِ، لايو خاڪِ لِڱَنِ کي، جَٽائُون جوڙِينِ، سِڱِيُون نِيو سُڃَ ۾، کاھوڙِي کوڙِينِ، ويتَرِ ٿا ووڙِينِ،…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- سَتاوِيھِينءَ سِرَ تي، ٿا ڀوڳِي وِجَهنِ ڀاڻُ، لايو خاڪِ لِڱَنِ کي، پتوڙِينِ پاڻُ، کِدائُون ۽ گودَڙِيوون، ھُيون سَناسِيَنِ ساڻُ، اُنِهين…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- ڪَنَ ڪَٽَ ڪاپَٽَ ڪاپَڙِي، ڪَنَ وَٽِيا ڪَنَ ڪَٽَ، دُونھان جَنِ دُکائِيا، ھَلِي مَٿي ھَٽَ، خاڪِ جَنِي جِي کَٽَ، ھَلو تَڪِيا…[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- کامِي خاڪِ ٿِئا، مَحَبتَ جِي مَيدانَ ۾، تَمامُ ٿِي طالَبَ ۾، وَحدَتَ جي وِئا، جَنَبُ مَوچارو جوڳِيين، ڏِکِئا مَهِندِ ڏِھا،…[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]
- جِتِ آھِ نَہ ناھِ ڪا، اِيءُ خاڪِيءَ جو خَيالُ، جانِبَ جو جَمالُ، پَسَڻان ئِي پَري ٿِئو.[ سُر آسا - مجازي مام ]
- جِتي آھِ نَہ ناھِ ڪا، اِيءُ خَيالُ خاڪِي، پِرِيَنِ جِي پاڪِي، پَسَڻان پَري ٿِي.[ سُر آسا - مجازي مام ]