خاڪِ جي سنڌي معنيٰ
مِٽي، لَٽَ، ڊُسِڙ، ڌُڌڙ، دَزَ، رَئِي. ڦُلهيار، ڦُلهير، ڇار، ڪيرِي، رَکَ. زمين، ڌرتي. بزرگن جي مزار تان آندل مٽي يا خاڪ. ڪجهہ بہ نہ. بلڪل نہ. ذرو بہ نہ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Dust, powder, ashes, dust taken from a saint’s tomb.
خاڪِ جا بيتن ۾ حوالا
چَلو يارو مُسَلمانو، شَھِيدا ڪافَر مارِئا ھَي،
حُسينَ ڪُون،
نُورُ ڪا پِيالا خُدا دي، ڀَرِ پِلايا ھي،
جِنان دي گهوڙي ٻيڙي، تِنا مالِ تي جهيڙي،
وَڃِي ٿِئا خاڪِ سين ڀيڙي،
جِنان دي لَکِ ڪي ھِيري، تِنا مُکِ پانِ ڪي ٻيڙي،
ھي اُنُهان ڪُون کاڳَئي ڪِيڙي،
زُليخا مِصِرِ کيڙي، يُوسُفُ ھُئا مَغِربِ ڪاشاني،
ھِي ڏُونھِين وَڃِي ٿِئا خاڪِ ۾ فانِي.
[ سُر ڪيڏارو، وايون، 3 ]

کاڻا کُوري وِچَ ۾، وِئا پَتَنگَ سَڀَ پَچِي،
اُنِهين وَٽِ آتِش جي، سَڀَڪا سُڌِ سَچِي،
موٽِئو ڪونَہ بَچِي، کامِي مِڙيئِي خاڪِ ٿِئا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 7 ]
اُنِهين وَٽِ آتِش جي، سَڀَڪا سُڌِ سَچِي،
موٽِئو ڪونَہ بَچِي، کامِي مِڙيئِي خاڪِ ٿِئا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 7 ]
اَچي اُجهايو آڳِ کي، پَتَنگَنِ سين پَروازَ،
کامِي خاڪِ ٿِيَڻَ جا، اُنِهين وَٽِ اَندازَ،
رَمزَ پَروڙِيَئُون رازَ، ڄيري جي ڄِڀِيءَ جا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 15 ]
کامِي خاڪِ ٿِيَڻَ جا، اُنِهين وَٽِ اَندازَ،
رَمزَ پَروڙِيَئُون رازَ، ڄيري جي ڄِڀِيءَ جا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 15 ]
اَکِئان ميگهُہ مَلارُ، صُورَتَ تيڏِيءَ سَڀَ جَڳُ موھِيا،
سَجِدو فِيلَ فِي الحالِ ڪِئو، پَسِي مُطِلِبَ نُورُ نِراَڙَ،
ڄاپَڻَ وَقتِ وَرِيامَ جي، ڀَڳا ڪوٽَ ڪُفارَ،
اُڪَنڊِئا جي اَبُرَ کي، سي سَرَھا ٿِئا سَنگهارَ،
موڪَلَ ٿِي مِينھَن کي، دوسِتَ ھَٿان دِلِدارَ،
قادِرَ پاڻِ قَسَمُ ڪِئو، خاڪِ قَدَمَنِ جي ڪَلتارَ،
آھِين ڪَرَمَ ڪَرِيمَ جا، اَحمَدَ ساڻُ اَپارَ،
آگي آسِمانَ جو، ڪارِئو سَيرُ سَتارَ،
وَلَسَوۡفَ يُعۡطِيڪَ رَبُّڪَ فَتَرۡضَىٰ، توسين قادِرَ ڪِئا قَرارَ.
[ سُر سارنگ، وايون، 5 ]

پِئا ڪَنھِن پَرياڻَ ۾، ڇَھين ڏِينھِن ڇَڻِي،
اَندَرِ آديسِيَنِ کي، ڌُرِيائِين ڌَڻِي،
ٻَري ٻاجهارا ڪِئا، کانئي خاڪِ کَڻِي،
پِنِئو پَنجَ ڪَڻِي، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 6 ]
اَندَرِ آديسِيَنِ کي، ڌُرِيائِين ڌَڻِي،
ٻَري ٻاجهارا ڪِئا، کانئي خاڪِ کَڻِي،
پِنِئو پَنجَ ڪَڻِي، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 6 ]
ويراڳِي وارَنِ کي، ڇَوِيھِينءَ ڇوڙِينِ،
لايو خاڪِ لِڱَنِ کي، جَٽائُون جوڙِينِ،
سِڱِيُون نِيو سُڃَ ۾، کاھوڙِي کوڙِينِ،
ويتَرِ ٿا ووڙِينِ، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 26 ]
لايو خاڪِ لِڱَنِ کي، جَٽائُون جوڙِينِ،
سِڱِيُون نِيو سُڃَ ۾، کاھوڙِي کوڙِينِ،
ويتَرِ ٿا ووڙِينِ، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 26 ]
سَتاوِيھِينءَ سِرَ تي، ٿا ڀوڳِي وِجَهنِ ڀاڻُ،
لايو خاڪِ لِڱَنِ کي، پتوڙِينِ پاڻُ،
کِدائُون ۽ گودَڙِيوون، ھُيون سَناسِيَنِ ساڻُ،
اُنِهين ڄاتو ڄاڻُ، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 27 ]
لايو خاڪِ لِڱَنِ کي، پتوڙِينِ پاڻُ،
کِدائُون ۽ گودَڙِيوون، ھُيون سَناسِيَنِ ساڻُ،
اُنِهين ڄاتو ڄاڻُ، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 27 ]
ڪَنَ ڪَٽَ ڪاپَٽَ ڪاپَڙِي، ڪَنَ وَٽِيا ڪَنَ ڪَٽَ،
دُونھان جَنِ دُکائِيا، ھَلِي مَٿي ھَٽَ،
خاڪِ جَنِي جِي کَٽَ، ھَلو تَڪِيا پَسُون تَنِ جا.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 6 ]
دُونھان جَنِ دُکائِيا، ھَلِي مَٿي ھَٽَ،
خاڪِ جَنِي جِي کَٽَ، ھَلو تَڪِيا پَسُون تَنِ جا.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 6 ]
کامِي خاڪِ ٿِئا، مَحَبتَ جِي مَيدانَ ۾،
تَمامُ ٿِي طالَبَ ۾، وَحدَتَ جي وِئا،
جَنَبُ مَوچارو جوڳِيين، ڏِکِئا مَهِندِ ڏِھا،
سارِيان ڪو نَہ سِياءُ، سَندُنِ ھِنَ سَنسارَ ۾.
[ سُر رامڪلي، الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي، 8 ]
تَمامُ ٿِي طالَبَ ۾، وَحدَتَ جي وِئا،
جَنَبُ مَوچارو جوڳِيين، ڏِکِئا مَهِندِ ڏِھا،
سارِيان ڪو نَہ سِياءُ، سَندُنِ ھِنَ سَنسارَ ۾.
[ سُر رامڪلي، الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي، 8 ]
تَندُ تُمارِيءَ تانُ، جو ڪَھِيو سو قَبُولُ ٿِئو،
سِرُ تَہ آھي سَٽِ ۾، ٻِئو ڪو مَڱِجِ دانُ،
اِيءُ خاڪِ مِٽِي ڪَا بانُ، ڪاٽِئان پوءِ ڪُجُهہ نَھِين.
[ سُر سورٺ، ماتام ۽ موڪلاڻي، 2 ]
سِرُ تَہ آھي سَٽِ ۾، ٻِئو ڪو مَڱِجِ دانُ،
اِيءُ خاڪِ مِٽِي ڪَا بانُ، ڪاٽِئان پوءِ ڪُجُهہ نَھِين.
[ سُر سورٺ، ماتام ۽ موڪلاڻي، 2 ]
English Meaning
Dust, powder, ashes, dust taken from a saint’s tomb.