حِيلا بابت
معنيٰ
اُپاءَ، تجويزون، رستا، رِٿون، ڪارڻ، نمونا، دنگ. سِٽون، ڪوششون، سعيا، محنتون.
Stratagems, artifices, plans.
بيتن ۽ وائين ۾
- گهَڙو ڀَڳو مُنڌَ مُئِي، وِئا وَسِيلا، سارَ ڇَڏِيائِين سِيرَ ۾، ھَئَي وِئا حِيلا، سُهڻِيءَ جا سِيلا، وَحدَتَ سَڀَ وِڃايا.[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- سُورِھَہ مرِين سوڀَ لاءِ، تَہ جَنگِ جامي سين جوڙِ، آرَڻِ تيغَ عِشقَ جِي، تَنھِن کان مُنھُن مَ موڙِ، وَھمَ حِيلا…[ سُر ڪيڏارو - پرھ پکي آيو ]
- وَڏا وَڻَ وَڻِڪارَ جا، جِتِ نانگَ سُڄَنِ نِيلا، اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، ڪِئا ھيڪَلِيُن حِيلا، جِتِ ڪُڙِمَ نَہ قَبِيلا، تِتِ رَسِجِ…[ سُر آبڙي - واقف وڻڪار، وڏا وڻ ]
- لُڊُوڻِئان لَطِيفُ چئَي، کَٽُون کَنيائُون، ڇَڏي حِيلا ھَلِئا، مُومَلَ مَڻِيائُون، وَڃي ڪاڪِ ڪَنڌِنِ ۾، لَڏوُن لاٿائُون، ڀيرو ڀَڳائُون، آسَڻَ آرامِي…[ سُر راڻو - ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ ]
- کَڻِئو تَڪَبُرَ تَڪِيا، حِيلا ڪِئو ھَلَنِ، مُوران تان نَہ لَھَنِ، لَمِي راھَ لَطِيفُ چئَي.[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- لِيلان حِيلا ڇَڏِ، جَي تُون سُوڀِي سِکِيين، پائي پاندُ ڳِچِيءَ ۾، پاڻُ غَرِيبِيءَ گَڏِ، ھَڏِ نَہ چُوندَءِ لَڏِ، جي ڪارُون…[ سُر ليلا - ليلا ليلائيج ]
- آءُ پِرِين گهَرِ پيھِي، مِيان چَنيسَرَ، ھارُ ھَٿان مُون ڇڏِئو، پُڇَنِ لِيلان ھُوءِ ڪَنِ حِيلا، ٻَھران اَچِئو ٻيئِي، دوسِتُ نَئائُون…[ سُر ليلا - وايون ]
- حَمِيرَ جي ھاڃي جِي، مُون نَہ پَرُوڙِي مامَ، عُمَرُ آيو اوچتو، ڪاهي کَڻِي ڪامَ، ڇَڏيَمِ حِيلا هِنَ ھَنڌَ جا، هِينئَڙي…[ سُر مارئي - کائر ڏانھن کڻي وئا ]