جُسو بابت
معنيٰ
بَدن، تَنُ، جسم، جُثو.
The body.
بيتن ۽ وائين ۾
- جِئان گِهڙي تِئانِ گهيڙُ، ڪَپَرو پُڇَنِ ڪُوڙِيُون، ڏَمَ سين جُسو ظاھِرا، مَنَ ميھارَ سين ميڙُ، سا نَدِي ڀانئي نيڙُ، جَنھِن…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- ھَڏِ نَہ ساھُ سُڌِيرُ، دِلِ دَرماندِي دوسَ ري، پائي وِئا پِرتِ جو، زوراوَرُ زَنجِيرُ، جِيءُ جُسو جاڳِيرُ، ھاڻي مِلڪَ ھوتَ…[ سُر آبڙي - جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي ]
- ڪِئائِين ڪيچِيَنِ لاءِ، جُسو جَلاوَتَ، ڇَڏي پيٺِي ڇَپَرين، ھارِي سَڀَ حُجَتَ، ھُئِي نِماڻِي نِسَتَ، پَنڌُ وِڌائِين پاڻَ تي.[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- مُونا جَنِ مِحرابُ، جُسو جامِعُ تَنِ جو، قِبلي نُما قَلبُ ڪَري، تَنَ کي ڪِئائُون طَوافُ، تَحقِيقَ جِي تَڪبِيرِ چَئِي، جِسمان…[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]
- قِسمَتَ قَيدُ قَوِي، نَہ تَہ ڪيرَ اَچي ھِنَ ڪوٽَ ۾، لِکِئي آڻي لوحَ کي، ھَنڌُ ڏيکارِئُمِ ھِيءُ، پَرَچي ڪِينَ پَنوَھارَ…[ سُر مارئي - ڪن فيڪون ۽ قيد ]
- اللهَ اِيئَن مَ ھوءِ، جِيئَن آئُون مَران بَندَ ۾، جُسو زَنجِيرَنِ ۾، راتو ڏِينھان روءِ، پھرِين وَڃان لوءِ، پوءِ مَرُ…[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- ماندِي ٿِيءُ نَه مارُئِي، وَرَقَ وَرَندا پَسُ، جُسو زَنجِيرُنِ ۾، جالَڻُ آهي جَسُ، مارُو آڻي مَسُ، آجِي ڪَندا ڪوٽَ کان.[ سُر مارئي - سيئي سارئان سومرا ]
- عُمَر آندِي مارِئُي، مَٿان تَڙَ تَڙي، جُسو زَنجِيرُن ۾، راتو ڏِينھَن رَڙي، قَيدَنِ مَنجِهہ ڪَڙي، سَڱَ نَہ وَٺِجَنِ سُومَرا.[ سُر مارئي - جھ سي لوڙائو ٿئا ]
- اُوَيرَ ڪونَہ آيو، ماڻُهو مَلِيران جَنھِن ڪَرَ پُڇان خَبَرُون، اُٿِئو اُڪِيران، جُسو زَنجِيران، ڦارَڪُ ٿِئو فَقِيرِ جو.[ سُر مارئي - کائر ڏانھن کڻي وئا ]