جَڏِي بابت
معنيٰ
جنھن جا عضوا بيڪار هجن ۽ هلڻ چلڻ يا ڪم ڪرڻ کان عاجز هجي، معذور، پِنگلي، لاچار. هيڻي، ضعيف، اڀري. بيمار، اگهي. بيڪار، چَٽُ. بي ڪمي. ڪُندذهن، ڪم فھم، ٿوري سمجهہ واري.
Maimed, crippled, halt, injured in any limb. Bad, wicked, evil.
بيتن ۽ وائين ۾
- وِئا اَٿَمِ ھوتَ ھَڻِي، آئُون تَنھِن جَڙَ جَڏِي ڪِي، سامُونڊِيءَ جي سَڱَ جي، ھِنيَين حُبَ گهَڻِي، سِڙُه ڏيئِي سِيرَ ٿِئا،…[ سُر سامونڊي - وايون ]
- ساھَڙَ ڌاران سُهڻِي، ھِيءَ تان جَڏِي زالَ، توڏِيءَ تَپُ شُرُوعُ ٿِئو، ھَئَي ھِيڻِيءَ جي حالَ، جُکِي ريءَ جَمالَ، اَگِهي ٿِي…[ سُر سھڻي - جيئري، ساھڙ ڌاران ]
- جَڏِيءَ وَٽِ جالي، مانَ اللهَ ڪارَڻِ لِکَ سِينءَ، آھِيان آرِيءَ ڄامَ جي، ھِتِ ھُتِ حَوالِي، عَيبَ مُون ۾ اَڳِراَ، مانَ…[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- سُتِيءَ پُونِ ڇِرڪَ، آيَلِ ٻاروچَنِ جا، وَمَ وِھاٽِي ووڙي، ڪوھِيارِي ڪِڙڪَ، ڌَڙَ ڌُوڻِئو تَنھِن ڌَڪَ، جَڏِي جِيئَڻُ نَہ ٿِيي.[ سُر ڪوھياري - اُڊڪا ۽ ايلاز ]
- سَنجهي مُون نَہ سَنڀالِئو، تَہ ڪِي اوٺِي ڪَندا اِيئَن، ڪُھِي ڪَمِيڻِي ڪِيئَن، جَتَنِ راتِ جَڏِي ڪِي.[ سُر ڪوھياري - پڇتاءَ ۽ انومان ]
- آتَڻُ اورانگهي وِئا، پارِي ڇَڏي پوءِ، آرِيچا اُٺَنِ تي، ھِيءَ تان جَڏِي جوءِ، ڪِي ھَلِي ڪِي ھَٿَ کَڻِي، ڪِي رِڙھي…[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- ڪُٺِيَسِ ڪوھِيارا، ھاڻِ نَہ جِيئان جيڏِيُون، جي وِرُونهَڻَ وارا، سي وَڃَنِ جَتَ جَڏِي ڪِئو.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]