جهانءِ بابت
معنيٰ
ھلڪو مٺو آواز، واڄو
Mild sweet sound.
بيتن ۽ وائين ۾
- چَوڌارِي چَڙا، ٻُرَنِ ٻيلايَنِ جا، سُتي سَنڀارَنِ جو، پِئَڙُمَ ڪَنِ پَڙاءُ، وِھَڻُ مُون نَہ وَڙاءُ، سُڻِئو جهانءِ جِهڄي ھِنيُون.[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- مَدَتَ ٿِيءُ ميھارَ يارَ، ساھَڙَ سائِرَ سِيرَ ۾، اُونها ڪُنَ اَتانگهَہ تَڙَ، اولِي ھَڻُ آڌارَ، ڏِينھَن ڏُھلا ڏَمَ سين، آئُون…[ سُر سھڻي - وايون ]
- مَحلين آيو مَڱِڻو، سازُ کَڻِي سُرَندو، سِرَ جِي صَدا سِرَ ۾، گهُورَ ھَڻِي گهُرَندو، مَٿي ريءَ مَلُوڪَ جي، چارَڻُ نَہ…[ سُر سورٺ - سائل گهُري سِر ]
- مَحلين آيو مَڱِڻو، سازُ وَٺِي سِرِي، سِسِي تَنھِن سُلطانَ کان، اَچِي گهوٽَ گهُرِي، تَنھِن ھَنئِي تَندُ طَبِيلَ ۾، پِئا ڪوٽَ…[ سُر سورٺ - سائل گهُري سِر ]
- جهورِي جِهڄَڻُ جهانءِ مُون جَنِي جو نَہ لَھي آيَلِ اِيئَن مَ ڀانءِ، تَہ آئُون جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]
- جِهڄي جهانءِ ڪَري، ماٺِ نَہ اَچي مُون ھِنيَين، سَڄَڻَ سي ساري، ھو جَنِي جو ھيرَئُون.[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]